بلاول جو دورو ۽ سرحدي لَڪيرن ۾ قيد خواب

0
187
بلاول جو دورو ۽ سرحدي لَڪيرن ۾ قيد خواب

 کوکرا پار ۽ واگها بارڊر هن وقت بند آھن، ماڻھو اهو سوچي ويٺا آھن ته پرڏيهي  معاملن جو وزير بلاول ڀٽو زرداري جي هندستاني دوري سان ممڪن آھي ته واگها بارڊر ۽ کوکراپار سرحدون کُلي پون. هِي ٻئي بارڊر اڳوڻين حڪومتن ۾ به ٿوري وقت لاءِ کُلندا ۽ بند ٿيندا رهيا آھن. اهي بارڊر بند تڏھن ڪيا ويندا آهن، جڏھن ٻنهي حڪومتن وچ ۾ حالتون خراب ٿينديون آھن. اهي ٻئي بارڊر کُلڻ سان هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپار سميت ماڻھن جي هڪ ٻئي ڏانهن اچ وڃ ٿيندي آھي، گڏوگڏ ماڻھن کي سرحد پار سندن مقدس هنڌن جي زيارت جا به موقعا نصيب ٿيندا آھن، سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ هندن توڙي سکن جا روحاني مرڪز ۽ مندر آھن. اهڙي طرح سان هندستان ۾ به تاريخي ۽ تفريحي هنڌ موجود آھن. ملڪي سنگين صورتحال سبب پاڪستاني ماڻھن جي هندستان ۽ هندستاني ماڻھن جي پاڪستان جي انهن هنڌن تائين رسائي ناممڪن رهندي آھي، جنهن ڪري انهن ماڻھن جا جذبا سرحدن جي لَڪيرن ۾ قيد رهجي وڃن ٿا. جيئن نانڪاڻه صاحب ۾ سکن جو روحاني مرڪز آھي، گُرو نانڪ سِکن جو رُوحاني اڳواڻ هو، گرو نانڪ جو جنم 15 اپريل 1469ع ۾ نانڪاڻه صاحب ۾ ٿيو. هن 22 سيپٽمبر 1539ع تي گردواره درٻار ڪرتارپور ۾ وفات ڪئي ۽ ان ئي هنڌ مدفون آھي. هي سک مت جو باني هو، سندس زندگي جو وڏو حصو سفر ۾ گذريو، سندس سفر کي “اداسي” سڏيو ويندو آھي. سکن جي ڪتابن ۾ سندس سفر کي چئن پنجن “اداسين” ۾ ورهايو ويو آھي. انهن اداسين ۾ پاڻ ھنگلاج، مڪي ۽ مديني ويا. گذريل حڪومت جڏھن سکن کي سندن روحاني هنڌ اچڻ جي اجازت ڏني ته اهي  ڪرتارپور پهتا ۽ ڏاڍا خوش ھئا.

سنڌ ۾ وري مٽياري ويجهو هندن جي روحاني اڳواڻ اڏيري لال جو آستان آھي، جنهن کي جهولي لال جو اوتار به سڏين ٿا. هنن جي روايت مطابق اڏيرو لال نصرپور جي رتنراءِ لوهاڻي جي گهر ۾ چيٽي چنڊ 1007 سنبت ۾ ڄائو. ڄمڻ وقت ايستائين ماءُ جو کير نه پيتائين، جيستائين سنڌو درياءَ جو پاڻي سندس وات ۾ نه پيو, ان روايت موجب کيس درياءَ بادشاهه جي اوتار طور پڻ ڄاتو ويندو آھي. هن کي جهولي لال ۽ پلي وارو پير به سڏين ٿا. اڏيري لال جو آستان هندن جي مذھبي عقيدي جو اهم مرڪز رهيو آھي. اڏيري لال جا آستان ٺٽي، سيوهڻ، ساڌ ٻيلي روهڙي ۽ نصرپور ۾ آھن. سنڌ ۾ درياءُ جتان جتان لنگهيو ٿي، اتي اڏيري لال جا آستان ٺھيا ٿي. مسلمانن ان خيال کي وري خواجا خضر جي روپ ۾ محفوظ ڪيو.

سنڌي هندو جڏھن ورهاڱي کانپوءِ سنڌ مان لڏي هندستان هليا ويا ته هنن اڏيري لال لاءِ ھڪ رچنا ڳائي هئي، جنهن جا ٻول هئا: “ادا ڙي مهاڻا ٻيڙي وارا، آئون لال تي ٿي وڃان”. اهو دور اهڙو هو، جنهن ۾ سنڌ مان لڏي ويلن نه رڳو پنهنجي ڌرتي ڇڏي پر سندن روحاني ۽ عقيدي واريون زيارتون به ڇڏيون هيون، جنهنڪري انهن کي هندستان ۾سدائين پنهنجي جنم ڀومي جي وڇوڙي جو درد ستائيندو رهيو. هنن پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌو درياءَ، سنڌ ڌرتي، درويشن، شاهه لطيف، قلندر، اڏيرو لال، وڻن۽ ولين کي خوب ڳايو.

وطن کان جدا ٿي لڏيندا وڃن ٿا

پَکي ديس پنهنجو ڇڏيندا وڃن ٿا

جهڙا سوين گيت رچيا، جيڪي ٻڌندڙن کي به گهائي وجهندا هئا. سنڌ ۾ هندن جو هڪ ٻيو اهم روحاني هنڌ ساڌ ٻيلو به رهيو آھي، جتي هڪ تاريخي مندر آھي، جيڪو بنکنڊي چنڊ شرما ٺھرايو هو. جڏھن هُو 1803ع ڌاري پنهنجي اباڻي ملڪ نيپال کي ڇڏي اچي روهڙيءَ ۾آباد ٿيو هو ۽ پوءِ ويهن سالن بعد هن ٻيٽ تي ان شاندار مندر تعميرڪرايو هو. بنکنڊي چنڊ شرما مهراج جي ساڌ ٻيلي جي آستاني ۾ ڪيترائي مندر آھن، جن ۾ ديوي ماتا مندر، شو مندر، گڻيش مندر، هنومان مندر، وشنو مندر ۽ ٻيا مندر موجود آھن. سنڌ توڙي ٻين صوبن ۾ به مختلف مذھبن جون مقدس جايون موجود آھن.

مون کي درياءَ ۾ ٻيڙي تي هڪ شام ياد اچي رهي آھي. ان شام اسان ملاڪاتيار وٽان ٻيڙي ۾ سوار هئاسون، مون سان گڏ ارباب چانڊيو ھو. ارباب دادو جو رهواسي هو، هو شاهه مراد شگر مل ۾ ڊيوٽي ڪندو هو، سندس ڪو مائٽ ملاڪاتيار ۾ وٽرينري ڊاڪٽر هو. ان رات اسان ان وٽ رهيا هئاسين. آئون ارباب تي پنهنجي آتم ڪٿا جي پهرئين حصي ۾ لکي چڪو آھيان. ان شام جيئن ئي واهوندي کلي ۽ تيز هوا لڳي ته ٻيڙي ھڪ دريائي لهر مان جان ٿي ڇڏائي ته ٻِي لهر ۾ وچڙي ٿي ويئي. پاڻيءَ جي آلي ٿڦ، ڇولين جي گوڙ ۽ درياءَ جي مستيءَ خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو. وانجهي پنهنجي پوري طاقت سان ونجهه هلائيندو ٿي رهيو, درياءَ جي ٻي ڪنڌيءَ جي سامهون ڪجھ ڇوڪرين ٻڪرين جا ڌڻ ٿي چاريا، ٻڪرين کي ڪنڌ ۾ ڳانيون ٻڌل هيون. چڙن جا آواز هڪ ڪشش پيدا ڪري رهيا هئا. ڇوڪرين سِير ۾ ٻيڙيءَ کي ڏسي جهونگاريو ٿي، “ٻيڙيءَ وارا ادا ڙي مهاڻا، آئون لال تي ٿي وڃان…” اهو آواز جڏھن منهنجي ڪنن تي پيو ته مونکي اها شام ياد پئي، جنهن شام آئون مصوره ۽ آرٽسٽ سان گڏ نوابشاهه وڃي رهيو هئس. اسان سان گڏ غلام رسول به شايد ھو، هن هاءِ وي تان هٿ جو اشارو ڪري مون کي ٻڌايو هو ته، اها جاءِ ڏِسين پيو؟ اهو اڏيري لعل جو آستان آھي، جتي هر سال هندو ياتري اچن ٿا پر جڏھن هندستان ۽ پاڪستان ۾ ڪشيدگي هوندي آھي ته هندستان مان ياتري هتي اچي نه سگهندا آھن. ان کان اڳ هن مون کي سندس ٺاهيل هڪ تصوير ڏيکاري هئي، جنهن ۾ ھڪ خانا بدوش عورت سرحد پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آھي. ان کي ڪوئي اهلڪار بندوق جي ناليءَ سان پوئتي ڌڪي رهيو آھي. هُوءَ پيشيور رقاصه ته ڪانه هئي پر هُوءَ گهر جي شادين ۾ جڏھن رقص ڪندي هئي ته برساتي رت ۾ مور جي رقص کي به مات ڏئي ڇڏيندي هئي، هُوءَ جوانيءَ ۾ ئي گذاري وئي.

رقص جسم جي اها ادا آھي، جيڪا ستل جذبن کي نه رُڳو جاڳائيندي آھي پر ٽُٽل دِلين کي جوڙيندي به آھي. ناچ جا ڪيرائي قسم آھن. هندستان ۾ ڀنگڙا، لاواڻي باهو، ڀڳت نتيام، گاربا، جهومر ۽ ٻيا ناچ آھن. ڪچيچي جنهن کي پرفارم ڪرڻ کان پهريائين عورتون اهڙو لباس اوڍين ٿيون، جنهن سان هنن جي مشابهت ديوي يا ديوَ جهڙي لڳندي آھي. ڀنگڙا ناچ سانوڻي رت دوران يا وري فصل لهڻ دوران پرفارم ڪيو ويندو آھي. باهو لفظ جي معنيٰ ئي آھي الله کان نعمتون گُهرڻ. هي ناچ جنوري ۽ آڪٽوبر جي مهينن ۾ مرد ۽ عورتون علائقائي لوڪ گيتن تي گڏجي ڪندا آھن. ڀڳت نتيام نالي ڊانس هندستان جي قديمي ڪلاسيڪل ڊانس جي شڪل آھي. هي ڊانس ادا ڪرڻ کان اڳ عورتون خوب سينگار ڪن ٿيون ته جيئن ديويءَ جهڙيون ڏسڻ ۾ اچن. سنڌ جي ڳوٺن يا شھرن ۾ جيڪي ناچ ٿين ٿا، انهن ۾ ڏانڊيا ناچ، ڏونڪا، جمالو، ٽلو، ڇيڄ، موائي، مگرمان، جهمر ۽ گهڙو ناچ شامل آھن.

آئون مختلف مڪتبهء فڪر جي ماڻھن جي عقيدتن وارين تاريخي جاين ۽ رقص جي لازوال اسٽيجن کان ٿيندو ٻيهر پاڙيسري ملڪن جي سرحدن ڏانهن موٽان ٿو ته مون کي اتي خاردار تارون لڳل نظر اچن ٿيون، جتي ماڻھن جا جذبا ۽ جهنگلي جانور قيد آھن. اها به حقيقت آھي ته جڏھن کان انسان اندر ۾ چِيتي جهڙو وحشي بڻيو آھي، تڏھن کان امن ۽ سڪون ختم ٿي ويو آھي. اهڙين حالتن ۾ ھر ملڪ پنهنجي سرحدي گهٽين تي چوڪسي وڌائي ڇڏي آھي. جنهن ڪري موڪل بنا نه ڪو هتان جو هتي اچي سگهي ٿو ۽ نه ئي وري هتان جو هن پار وڃي سگهي ٿو!