اسلام آباد(بيورو رپورٽ) احتساب عدالت 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي. استغاثه جي 3 شاهدن جي بيانن تي جرح مڪمل ٿي وئي، هن وقت تائين 27 شاهدن تي جرح مڪمل ٿي چڪي آهي. احتساب عدالت جي جج محمد علي وڙائچ اڊيالا جيل ۾ ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي. نيب پراسيڪيويٽر سردار مظفر عدالت کي ٻڌايو ته نيب کي بشريٰ بي بي گهربل نه آهي ان جا وارنٽ گرفتاري جاري ناهن ٿيا ته ضمانت واري درخواست ئي غير موثر ٿي وڃي ٿي. اسان جو 10 مهينا اڳ اهو ئي موقف هيو ته بشريٰ بي بي جا وارنٽ گرفتاري جاري ناهن ٿيا ٻڌڻي جي دوران ٽن گواهن تي وڪيل صفائي جرح مڪمل ڪري ورتي. هن وقت تائين مجموعي طور تي 27 گواهن تي جرح مڪمل ٿي چڪي آهي.