ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قسط جي رقم نه ملڻ ۽ ڪٽوتي خلاف مستحق عورتن پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، لاڙڪاڻي جي پي وي اسڪول ۾ قائم انڪم سپورٽ سينٽر ۾ آيل قسط جا پئسا وٺڻ لاءِ عورتون سخت گرميءَ ۾ بيهوش ٿي ويون،  بيهوش ٿي ويل عورتن کي آيل عورتن پاران پاڻي ۽ جوس پياري هوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ٻئي پاسي رتوديرو ۽ لاشاري ٿاڻن جي پوليس مستحق عورتن کي ملندڙ وظيفي جي رقم مان ڪٽوتي ڪرڻ جي الزام ۾ طارق راجپوت، شاهنواز ميراڻي ۽ شاهد ٽوٽاڻي کي گرفتار ڪري ورتو، اسلام ڪوٽ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم نه ملڻ خلاف مستحق عورتن ٽائون موڙ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي، ڏيپلي ۾ بي آءِ ايس پي جي قسط ٻن ڏينھن کان  شروع ٿي نه سگهي. ڏورانھين ڳوٺن کان آيل سوين عورتون سڄو ڏينهن نٽهڻ اس ۾ انتظار ڪنديون رهيون، عورتن معصوم ٻارڙن سميت پريس ڪلب ڏيپلو آڏو ڌرڻو هنيو جنهن سبب ٽن ڪلاڪن تائين ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ساماري ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سينٽر تي عملي پاران وظيفي جي رقم نه ڏيڻ خلاف مستحق عورتن پريس ڪلب سامارو آڏو مين سامارو -ميرپورخاص روڊ تي ڌرڻو هڻي ٻن ڪلاڪن تائين روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، نوان جتوئي ۾ مستحق عورتن جي وظيفي واري رقم مان ڪٽوتي ڪندڙ ٻن ايجنٽن نديم راجپوت ۽ سرمد گل کوسو کي سي آءِ اي پوليس گرفتار ڪري ورتو، ٽالهي ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قسط جاري ٿيڻ باوجود سينٽر قائم نه ٿيڻ سبب مستحق عورتن کي رقم نه ملي سگهي، ڪنري ۾ بسپ سينٽر تي بدنظمي، عورتن جي تذليل ۽ عورتن جي سڃاڻپ ڪارڊ اڇلائڻ وارو مامرو ميڊيا تي اچڻ بعد بسپ انتظاميا سينٽر جي انچارج ۽ عملي خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران نااھلي لڪائيندي سينٽر تبديل ڪري ڇڏيا، مستحق عورتون دربدر ٿي ويون ۽ رقم نه ملي سگهي، قمبر ۾ بي آءِ ايس پي سينٽرن تي وظيفو وٺڻ لاءِ آيل مستحق عورتن لاءِ ويهڻ ۽ پيئڻ لاءِ ٿڌي پاڻي جو به بندوبست نه ڪيو ويو، سجاول جوڻيجو ڀرسان عرضي ڀٽو ۾ بسپ سينٽر ۾ سهولتن جي کوٽ سبب عورتون پريشان نظر آيون.