لنڊن (انٽرسٽنگ نيوز) برطانيا ۾ هڪ ناول 23 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم ۾ نيلام ٿي ويو. ان ڏس ۾ ميڊيا رپورٽن موجب ليکڪا ميري شيلي جي ناول فرينڪنسٽائن جو پهريون ايڊيشن 8 لک 43 هزار 750 ڊالرن ۾ نيلام ٿي ويو آهي. 1818 ۾ فرينڪنسٽائن ۽ دي ماڊرن پروميٿيئس نالي هن ناول جو پهريون ايڊيشن گلابي گَتن اندر ٽن جلدن ۾ ڇپيو هو، جيڪو بي نام هو. فرينڪنسٽائن جي پهرئين ايڊيشن جو اهو نسخو گلابي گتن واري صرف انهن ٽن جلدن مان هڪ آهي، جيڪي اڃا تائين باقي موجود آهن. ٻيا ٻه نسخا نيويارڪ پبلڪ لائبرري ۾ فورزائمر ۽ برگ ڪليڪشن وٽ موجود آهن.