برطانيا ۾ زال پاران خلع وٺڻ تي همراهه گھر کي باهه ڏئي ڇڏي

0
30
برطانيا ۾ زال پاران خلع وٺڻ تي همراهه گھر کي باهه ڏئي ڇڏي
برطانيا ۾ زال پاران خلع وٺڻ تي همراهه گھر کي باهه ڏئي ڇڏي

لنڊن (انٽرسٽنگ نيوز) برطانيا ۾ زال پاران خلع وٺڻ تي همراهه گھر کي باهه ڏئي ڇڏي. ميڊيا رپورٽن موجب برطانيا ۾ گالف کيڏندڙ هڪ پيشيور رانديگر ۽ ڪروڙ پتي شهري فرانسس ميڪ گرڪ پنهنجي مهانگي تري گھر کي صرف ان ڪري باهه ڏئي ڇڏي جو سندس خلع وٺندڙ زال کي قانون تحت اهو گھر ملي نه سگھي

50 ورهين جي فرانسس تي پنهنجي 1.4 ملين ڊالر جي گھر کي باهه ڏئي ساڙڻ جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن تي کيس ٻن سالن جي سزا به ٻڌائي وئي. فرانسس ٽن ٻارن جو پيءُ آهي، پنهنجي گهر م ان وقت داخل ٿيو جڏهن گھر ۾ ڪير به موجود نه هو

هن پاڻ کي گھر اندر بند ڪري باهه ڏني ئي هئي ته پاڙيسرين ايمرجنسي ڪال ڪري باهه وسائيندڙ عملي کي گھرائي ورتو. جنهن سبب گھر کي معمولي نقصان پهتو

فائر فائٽرز مان هڪ اهلڪار ٻڌايو ته جڏهن هو سڙندڙ گھر تائين پهتا تهن هنن فرانسس ميڪ گورڪ کي گھر اندر ڪاوڙ ۾ عجيب حرڪتون ڪندي ڏٺو. فرانسس پنهنجي زخمن جو علاج ڪرائڻ کان به انڪار ڪيو. اهلڪار موجب فرانسس پاڻ ٻڌايو ته هن گھر کي باهه ڏئي ڇڏي آهي، ڇو جو هو نٿو چاهي ته جيڪو هن ڪمايو آهي ۽ محنت ڪئي آهي، اهو سڀ سندس زال ڏانهن هليو وڃي