لنڊن (م ڊ) برطانيا ۾ اڳوڻي زال ۽ ٻارن تي تيزاب هاريندڙ افغان شهري جو درياهه مان لاش مليو آهي. افغاني نسل جي عبدالشڪور ايزدي جو لاش ڊيمز درياهه مان مليو. برطانوي پوليس جو چوڻ آهي ته جنهن شخص جو لاش مليو آهي، اهو، اهو ئي افغان شهري آهي جنهن 31 جنوري تي پنهنجي ڪار ۾ اڳوڻي زال ۽ ٻن ٻارن تي تيزاب اڇلايو هو. تيزاب سان اڳوڻي زال جو چهرو بري طرح سڙي ويو هو ۽ سندس هڪ اک به ضايع ٿي وئي هئي جنهن جي ڪري هوءَ اڃا تائين اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. جڏهن ته ٻارن کي خوشقسمتي سان معمولي زخم رسيا هئا ۽ اهي بلڪل خيريت سان آهن. پوليس خدشو ڏيکاريو آهي ته 35 ورهين جي عبدالشڪور ايزدي زال ۽ ٻارن تي تيزاب اڇلائڻ بعد پاڻ کي ماري ڇڏيو هجي. ان کان اڳ پوليس جوابدار عبدالشڪور جي ڳولا ۾ مدد ڪندڙ کي 25 هزار ڊالر انعام ڏيڻ جو به اعلان ڪيو هو.