ڪراچي(رپورٽ:شاهد ميراڻي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ عالمي ڊونر ڪانفرنس گهرائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته برساتي ٻوڏ سبب وڏو نقصان ٿيو آهي، مخالف تنقيد ڀلي ڪن پر ڪم تي شڪ نه ڪيو وڃي، ڪالهه سنڌ اسيمبلي  ۾ برساتي ٻوڏ جي تباهي ۽ بحالي جي معاملي تي بحث ۾ حصو وٺندي هن چيو ته سنڌ ۾ جاني توڙي مالي نقصان جي سروي مڪمل ٿي وئي آهي، 15 ڊسمبر تائين سروي ۾ رهجي ويلن جون شڪايتون ٻڌيون وينديون، هن چيو ته سنڌ سرڪار ترقياتي بجيٽ ۾87 ارب رپين جي ڪٽوتي ڪئي، ان مان 45 ارب رپين جي بچت جو پلان آهي، هن چيو ته ورلڊ بينڪ سان ڳالهيون هلن پيون، گهر ٺاهڻ ڏيڻ جي معاملي تي عالمي ڊونر ڪانفرنس گهرائينداسين، گهر ٺاهڻ لاءِ ساڍا 3 سو ارب رپيا گهربل آهن،  سنڌ سرڪار 50 ارب رپيا ڏيندي، في گهر لاءِ 3 لک ڏينداسين اين جي اوز جي مدد سان گهرن جي اڏاوت جي حساب سان پئسا ڏينداسين، هن چيو ته تباهه ٿيل 80 سيڪڙو ڪچا گهر هئا، هاڻي اسان پڪا گهر ٺاهي ڏيڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته آبپاشي نظام جي بحالي لاءِ ڪم شروع ٿي چڪو آهي، مختلف پلان جوڙيا آهن، 200 ملين ڊالر ايشين بينڪ ڏئي  پئي، هن چيو ته حڪومت جي ڪم تي تنقيد ضرور ڪريو پر اهو نه چيو وڃي ته هٿ سان ٻوڙايو ويو آهي، انهي سان ٻاهر ويٺل ماڻهن جي ذهنن تي اثر پوي ٿو، جنهن  جو ملڪ کي نقصان ٿئي ٿو، هن چيو ته موسمي تبديلين ڪري نقصان ٿيو آهي، عوام کي حقيقت کان اگاهه ڪيو وڃي پ پ جي قيات توڙي ورڪر عوام سان گڏ بيٺل آهن، مخالف  رڳو پروپئگنڊا ڪري رهيا آهن، جنهن سان ملڪ کي نقصان پهچي پيو، هن چيو ته پ پ سرڪار جي ڪم ۾ ڪوتاهيون ضرور هونديون پر نيڪ نيتي تي ڪو شڪ نه ٿو ڪري سگهجي. وڏي وزير چيو ته برسات سبب پوري ملڪ ۾ نقصان ٿيو پر سڀ کان وڌيڪ متاثر سنڌ صوبو ٿيو آهي، جتي وڏو جاني توڙي مالي نقصان ٿيو آهي.