برسات انتظاميا جي پت وائکي ڪري ڇڏي، پاڻي نيڪال نه ٿيو، روڊ رستا ٻڏل

0
349
برسات انتظاميا جي پت

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ٽن ڏينهن کان پوندڙ برسات انتظاميا جي پت وائکي ڪري ڇڏي، پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، مختلف شهرن ۾ روڊ رستا ٻڏل، عوام سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳو، خبر موجب خيرپور ۾ گذريل ٽن ڏينهن دوران برسات  شهر جو نقشو تبديل ڪري ڇڏيو، برسات سبب شاهي بازار، پنجهٽي روڊ، ڏٻر، ٻٽڙو، سوڪ سينٽر، پنج گلا چوڪ، ڇٽي چوڪ، اوستا گاهي موڙ، نم موڙ، چانڊيا موڙ، ڳاڙهي پل، ڪچهري روڊ، مال روڊ، اسٽيشن روڊ، نيشنل بينڪ موڙ، مسجدن، امام بارگاهن، سرڪاري توڙي پرائيويٽ آفيسن اڳيان روڊن تي برسات جو پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيهجي ويو، رپڙي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٻن ڏينهن جي مسلسل وسڪاري کانپوءِ ھيٺائين وارا علائقا ۽ رستا پاڻي ھيٺ اچي ويا، ٺل ۾ مختلف روڊن جونگل موڙ، امروٽي چوڪ، رياض چوڪ، اسٽيشن روڊ، مين بازار سميت ٻين چوڪن ۽ روڊن تي برساتي پاڻي بيهجي ويو، مدئجي ۾ برسات سبب روڊ رستا ۽ گهٽين ۾ پاڻِي بيهڻ سبب شهري سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ لڳا آهن، ڳيريلي جي يوسي ماٽو جي قادربخش ڀٽو  عمرڀيو، قادربخش ڀٽو غلام علي زهراڻي محراب سنديلو، علي باغ گاڏهي سميت مختلف هنڌن تي برسات جو پاڻي بيهجي ويو، ڪرمپور ۾ برسات انتظاميه جي پت وائکي ڪري ڇڏي، شهر جي روڊن ۽ گهٽين ۾ بيٺل برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو

اڪري چودڳي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ روڊن رستن تي برسات جو پاڻي بيھجي ويو، ميھڙ ۾ برسات کانپوءِ شهر جي 14 وارڊن ۽ 30 کان وڌيڪ ڪالونين عبدالله ڪالوني، ابراھيم چنه ڪالوني، ٻيٽو روڊ، حاته محلو، گھاڙي روڊ، وي آءِ پي روڊ، ريشم گلي ۾ برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، جنهن ڪري شهرين جي زندگي مفلوج ٿي وئي آهي، ڳڙهي حسن جي مين بازار سميت مخلتف محلن سيد محلو، سرڪي محلو، ڌوئا محلو، ڀٽي محلو ۽ جمالي محلي ۾ برسات جو گندو پاڻي بيهجي ويو آهي، سجاول جوڻيجو تعلقي جي ڇهن يوسيز ۾برسات جو پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيهجي ويو آهي، شهرين مختيار لاشاري، ارشد سومرو، ڊاڪٽر آزاد جوڻيجو جو چوڻ هو ته ٽائون ڪاميٽي ۽ يوسين جا عملدار صفائي نه ٿا ڪرائين، ڄام صاحب شھر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات بعد روڊ رستا پاڻي ھيٺ اچي ويا آهن، گپچاڻي روڊ، شاھپورچاڪر روڊ، اسٽيشن روڊ، شاھي بازار سميت ٻين روڊن تي برساتي پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيٺل آھي، جڏهن ته ٽائون انتظاميا پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڪي به اپاءَ ناهن ورتا، سٺ ميل ۾ نيڪال سسٽم درست نه هجڻ ڪري برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو جنهن ڪري شهرين کي اچ وڃ ۾ سخت ڏکائيون پيش اچي رهيون آهن

شهرين موجب ڪرنل روڊ، نوابشاھ روڊ، ھوت فقير روڊ سميت ڪيترا ئي روڊ برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آهن، مورو ۾ مھراڻ ڪالوني واسين ڊرينيج سسٽم نه ھجڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، رهواسين سڪندر خاصخيلي، غلام قادر چانڊيو، عبدالڪريم موٽمل، غلام نبي چانڊيو ۽ ٻين چيو ته برسات بعد گندگي وڌي وئي آهي، نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي، ماتلي شهر جو مين گٽر نالو ناڪاره  هجڻ سبب برسات بعد گندو پاڻي شهر ۾ تلائن جي صورت ۾ بيهجي ويو ۽ گٽر نالا ابتا وهڻ سبب پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو، منهڙو ۾ گھٽين، اسڪولن، روڊن رستن تي برسات جو گندو پاڻي بيٺل  آھي، جنهن کي انتظاميا نيڪال ڪرڻ لاءِ اڃا تائين ڪي به قدم ناهن کنيا، کاهي ۾ برسات جي ڪري بجلي جو نظام معطل ٿي ويو ۽ هيٺاهن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو جنهن کي اڃا تائين نيڪال ناهي ڪيو ويو،