برساتي ٻوڏ کان به وڏو سانحو بيحسي

0
312
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سنڌ ۾ ٻن مهينن کان هلندڙ برساتن جي ڪري اهو ئي ٿيو آهي جنهن جو خطرو اسان جا عام ماڻهو، دانشور ۽ سنڌ جي صورتحال کان واقف ماڻهو محسوس ڪري رهيا هئا. هن وقت توڙي جو برساتن جو سلسلو ختم ٿي ويو آهي پر برساتن جي ڪري پيدا ٿيل صورتحال ماڻهن کي سامت ۾ اچڻ ئي نه ٿي ڏئي. هن وقت صورتحال اها آهي ته دادو ضلعي جو اهم شهر خيرپور ناٿن شاهه پاڻي هيٺ آهي. ميهڙ ۽ جوهي شهرن جي ٻاهران پاڻي جو گهيرو برقرار آهي جتي رنگ بند ۽ ٻيا بند اڏيل آهن جنهن ڪري انهن دفاعي لائينن تي سخت دٻاءُ آهي، برساتن جو پاڻي ٻنهي شهرن جي ٻاهرين علائقن ۾ ته اچي ويو آهي جنهن ڪري ماڻهو سخت مشڪل جو شڪار آهن. سنڌ جي لاڙ پٽي ۾ پراڻ ڍوري جو پاڻي ملڪاڻي ۽ سمن سرڪار ڏانهن وڌي رهيو آهي نئون ڪوٽ وٽان گذرندڙ هاڪڙو درياءَ ۾ چاڙھه آهي نارا ڊرين کي گهاري سبب سانگهڙ بدستور پاڻي جي گهيري هيٺ آهي.  انهن سمورن شهرن سان گڏ سڄي سنڌ ۾ پاڻي بيٺل آهي جيڪو نيڪال نه پيو ڪيو وڃي. ٻيو ته ٺهيو پر برساتن وقت بند ڪيل سمورا واهه ۽ ڪئنال وري برساتن جو پاڻي بنا ڪنهن حڪمت عملي جي نيڪال ڪري ڀريا ويا آهن. مٿان پاڻي نه اچڻ باوجود اهي واهه ڦاٽي رهيا آهن ۽ انهن ۾ گهارا پوڻ جو خطرو آهي. ايم اين وي ڊرين جي بندن تي پاڻي جو سخت دٻاءُ آهي، بندن جي حالت ڪمزور ٿي وڃڻ بعد مقامي ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ بندن جي نگراني ڪري رهيا آهن. ٻوڏ جي گهيري ۾ آيل ضلعي دادو جي تازي صورتحال اها آهي ته خيرپور ناٿن شاهه شهر ۾ 3 کان 4 فوٽ پاڻي بيٺل آهي، ماڻهو پنهنجا گهرگهاٽ ڇڏي محفوظ هنڌن تي منتقل ٿي ويا آهن. جڏهن ته جوهي ۽ ميهڙ ۾ پاڻي جو بندن تي دٻاءُ برقرار آهي. اطلاع هئا ته منڇر ڍنڍ کي ڪٽ ڏنو ويندو پر بااثر ڌرين جي ڪري اهو نه ٿي سگهيو جنهن بعد اڙل هيڊ ۽ اڙل واهه جا دروازا کوليا ويا آهن جتان پاڻي سنڌو درياهه ۾ وڃڻ شروع ٿيو آهي جنهن کانپوءِ ايم اين وي ڊرين ۾ پاڻي ۾ 3 کان ساڍا 3 فوٽ لاٿ آئي آهي. دادو شهر ۽ ايم اين وي ڊرين ۾ لاٿ بعد ڀان سيد آباد تان خطرو گهٽ ٿيو آهي پر اهو خطرو اڃا تائين برقرار آهي. جيڪڏهن پاڻي جو ڇوڙ جاري رهيو ته پوءِ ٻئي شهر محفوظ رهي سگهن ٿا. تنهن هوندي به ڪمال خان موري وٽان دٻاءُ آهي جنهن کي روڪڻ لاءِ انتظاميا کان وڌيڪ عام ماڻهو چوڪس آهن ۽ هو پنهنجا اجها بچائڻ لاءِ سرگرم آهن. ان کان به وڌيڪ خراب صورتحال اها آهي ته دادو شهر مان 75 کان 80 هزار خاندان گهاري جي خطري کي ڏسندي پنهنجا گهرگهاٽ ۽ اجها ڇڏي روڊن تي اچي ويا آهن جتي سندن مدد ڪرڻ وارو ڪو به نه آهي. انهن جي حالت به خراب ٿي رهي آهي. سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ آهي ته دادو کي ٻوڏ کان هر صورت بچائڻو آهي،ڪوشش آهي ته بنا ڪنهن ڪٽ لڳائڻ جي شهرن کي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي.

اسان وري به چئون ٿا ته ماڻهن جي امداد ڪرڻ ته عام ماڻهو ۽ سرندي وارن جو ڪم آهي پر ماڻهن کي ٻوڏ ۽ پاڻي کان بچائڻ شهرن کي محفوظ رکڻ ۽ عام ماڻهن کي ٻين نقصانن کان بچائڻ حڪومت ۽ انتظاميا جو ئي ڪم آهي انهن کانسواءِ ٻيو ڪو به نه آهي جيڪو ان ڪم کي بهتر نموني ڪري سگهي. ان ڪري انتظاميا جي انهن ماڻهن کي سمورن علائقن ۾ مقرر ڪيو وڃي جن جي سيني ۾ انسانيت جو ڪو درد آهي اهي ئي بنا ڪنهن سياسي مصلحت جي هن اهم مرحلي تي ڪم ڪري سگهن ٿا. ان سان گڏ اهو به نظر آيو آهي ته سنڌ ۾ ڪيترائي سياسي مداخلت سبب واقعا ٿيا آهن جن سان وري حالتون خراب ٿيون آهن. ان ڪري هاڻ گهٽ ۾ گهٽ ڪامورا شاهي کي آزاد ڇڏڻ گهرجي ته جيئن هو پنهنجي حساب سان عوام جي خدمت ڪري سگهن. اسان انتظاميا جي مشينري کي به التجا ڪنداسين ته هي تباهي آهي ان ۾ جيڪڏهن هنن ماڻهن جو احساس نه ڪيو ته ان کان به وڏي تباهي مقدر بڻبي ان ڪري ايمانداري سان ڪم ڪرڻ گهرجي.