بدين(رپورٽ: شفيع جوڻيجو)  بدين ضلعي ۾ پيئڻ جي نھري پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، ساحلي پٽي جي پڇڙي ۾ مھينن کان پيئڻ جو پاڻي توڙي زرعي پاڻي نه پھچڻ ڪري رهواسي زھريلو گندو پاڻي واپرائي رهيا آهن، جنهن سبب ماڻهن سان گڏ ھزارين جانور ۽ پکي پکڻ بيمارين سبب مري رهيا آهن، مقامي ماڻھن جو لڏپلاڻ وارو سلسلو به جاري آھي،  ضلعي جي لکين ايڪڙ زمين تي مختلف فصل پوکجي نه سگھيا آهن، جنهن ڪري ضلعي ۾ ڏڪار  پيدا ٿيڻ جو انديشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. ويھه لک کان مٿي آبادي رکندڙ سنڌ جو ساحلي ضلعو بدين ڪڏھن ٻوڏ ته ڪڏھن سوڪهڙي جي ور چڙھيل رھيو آھي، ھن وقت ضلعي ۾ فصل ڪمند، ساريون، ڦٽي،اڪڙي مرچ،ڀينڊي، گوار،توريون، ڪدو توڙي ڪتريون ئي سبزيون پوکجي نه سگھيون آھن، بدين شهر سميت مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ڪڍڻ، سيراڻي، ٻھ ڊمي، احمد راڄو، ڀڳڙا ميمڻ، شيخ ڪرھيو ڀانڊاري، گولو منڌرو، حاجي حجام، نريڙي، دودو سومرو جا لکين ماڻھون ڏکي زندگي گذاري رھيا آھن.  پاڻي نه ھجڻ سبب ھزارين ماڻھون لڏ پلاڻ ڪري ھليا ويا آھن، باقي جيڪي ماڻھون رھجي ويا آھن انھن جي بکن ۽ اڃن سبب حالت خراب ٿي وئي آھي نھري پاڻي جي ڇوڙ نه ڪرڻ ۽ گندي پاڻي ايل بي او ڊي، فيڪٽرين ۽ شگر ملن جي زھريلي پاڻي جي ڇوڙ سبب مڇي ۽ جھينگي جو ڪاروبار ختم ٿي ويو آھي ۽ سمنڊ جو مٿي چڙھي اچڻ جي ڪري بدين ضلعي جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آھي ۽ ھتان جو جر کارو ۽ زھريلو ٿي ويو آھي.  ماڻھون ۽ جانور ھڪ ئي کاري کوه جو زھريلو پاڻي گڏ پيئڻ تي مجبور آھن، جنھن سبب ھزارين ماڻھون ڪيترين ئي بيمارين جنھن ۾ گوڏن جو سور، سنڌن جو سور، بليڊ پريشر، ڪاري سائي، ٽي بي، ڪينسر سميت اکين جي نورجھڙين بيمارين ۾ وٺجي ويا آھن ۽ سوين ماڻھن سان گڏ ھزارين جانور به مري ويا آھن، بدين ضلعي جي ماڻھن جو روزگار جو واحد ذريعو زراعت آھي ۽ ھتي لکين ايڪڙن تي ساريال جو فصل پوکيو ويندو آھي جيڪو ھن سال پاڻي نه اچڻ جي ڪري نه پوکجي سگھيو آھي. ضلعي ۾ ڏھن جي لڳ ڀڳ شگر ملون به آھن جيڪي ڪمندجو فصل نه ٿيڻ سبب بحران جي نظر ٿي وينديون، بدين جي آبادگار اڳواڻن رئيس عاشق علي گوپانگ، محمد امين جوڻيجو، عزيزالله ڏيرو، غفور چانڊيو ۽ ٻين مطالبو ڪيو آھي ته حڪمران بدين ضلع جي ٽيلن تائين پاڻي پھچائي ھزارين ماڻھن کي معاشي قتل ٿيڻ کان بچائڻ لاء پنھنجوڪردار ادا ڪن،