بدين (رپورٽر) بدين شھر جي پمپ تان انوکي انداز ۾ ڦر جي واردات حيدرآباد روڊ تي احمد پئٽروليم سروس تان 4 لک روپيا ٻھاري ويا، ڪار ۾ ايندڙ نامعلوم عورت ۽ مرد صاف واشروم يوز ڪرڻ جو بهانو ڪري آفيس اندر داخل ٿي واپس ٻاهر ايندي ڪائونٽر ۾ پيل تقريبن چار لک رپيا روڪ رقم کڻي ڪار ۾ فرار ٿي ويا، پمپ مالڪ محمد اسماعيل ميمڻ رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته شڪ پوڻتي ملازم آفيس ۾ داخل ٿي چيڪ ڪيو ته لاڪر مان پئسا گم هئا، تيستائين ڪار سوار مرد عورت تيز رفتاري سان گاڏي کڻي فرار ٿي ويا، جڏهن ته معاملي جو پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، جيڪا بروقت پهچي معائنو ڪرڻ بعد ناڪا بندي ڪرائي ڪار پويان رواني ٿي وئي آھي، ليڪين ڪار ۽ڏوھاري ھٿ نه اچي سگھيا آھن.