بدين (رپورٽر) بدين جيم خانا ھال ۾ سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ بدين پاران سنڌي ثقافتي شين جو اسٽال لڳايو ويو، ڊپٽي ڪمشنر بدين، وائيس چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي بدين سميت سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ عورتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي تقريب کي خطاب ڪرڻ بعد ثقافتي اسٽال جو دورو ڪيو، روزاني پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي هن چيو ته عورتون معاشري جو اھم حصو آھن جيڪي ھن ترقي واري دئور ۾ مرد سان ڪلھو ڪلھي سان ملائي ھر محاذ تي پاڻ مڃايو آھي، ھن چيو ته چاھيون ٿا ته ٻھراڙي جي عام عورت به پنھنجي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪري، سيمنار کي ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر ڊپارٽمنٽ غفار کوسو، ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر ظھيرالدين ميمڻ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پاڪستان بيت المال شنيل احمد بليدي، وائيس چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي بدين علي اڪبر ميمڻ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر دين محمد ڏيرو، ميڊم عابده سورمي، سوڍي ڪولھڻ سميت ٻين خطاب ڪيو.