بدو عرب، جھنگلي ملئي ۽ اسان ڄٽ …

0
254

عربن کي اسان هيٺاهون ڏيکارڻ لاءِ بَدو سڏيون ٿا- يعني اڻ سڌريل، بيابن ۽ رڻ پٽن ۾ رهڻ وارا …. اڻ پڙهيل ۽ ملڪ جو انتظام هلائڻ کان اڻ واقف! اهڙي طرح ملائيشيا جي رهاڪن (ملئي ماڻهن) کي پڻ دنيا ڄٽ ۽ جھنگلي سڏي ٿي…. نه فقط اسان ڌارين پر هنن پاڻ به پاڻ کي اهو سمجھيو ٿي، اهو سڏيو ٿي. مون سمجھيو ته عربن کي بدو چوڻ سان منهنجا سئيڊن جي يونيورسٽيءَ جا ڪلاس ميٽ عرب دل ۾ ڪندا، پر پوءِ تعليم بعد آئون هڪ عرب دوست جي گھر ينبوع ۾ ٻه مهينا کن رهيس ته مون ڏٺو ته هن آفيس ۾ يا شهر ۾، جنهن عرب جو ڪم يا ڳالهه نٿي وڻي ان کي بدو چئي ايئن ٿي دڙڪا ڏنا جيئن اسان وٽ وڏيرو يا سرڪاري ڪامورو ڳوٺ جي هاري ناري يا پنهنجي ڪلارڪ کي ڄٽ چئي دڙڪا ڏئي. دڙڪا ڏيڻ بعد منهنجو عرب دوست مون کي اهو ئي چوندو هو ته :“ بدو سي بدو ئي رهندا. اصل نه سڌرندا”. ڄڻ پاڻ انگريز هجي ۽ عربن سان ڪو واسطو نه هجيس!
ملائيشيا جي ڳوٺن ۾ پنهنجي جهاز وارن دوستن سان گڏ وڃي رهندو هوس. ڳوٺ جي ماڻهن جي ڪا بيوقوفي واري حرڪت ڏسي مون کي منهنجا ملئي دوست چوندا هئا ته بابا اسان ملئي ماڻهو آهيون پهرين نمبر جا جاهل. “ملئي معنيٰ ئي ڇا؟” هو مون کان اڪثر پڇندا هئا ۽ پوءِ پاڻ ئي جواب ڏيندا هئا ته “ملئي معنيٰ اورانگ هُتان- يعني جنگل مئن! جهنگ جو ماڻهو.”
ڇا به هو پر اهي ڳالهيون اڄ جون نه پر 1960 ع واري ڏهاڪي جون هيون جنهن ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ مون تعليم مڪمل ڪري جهازن تي نوڪري شروع ڪئي ۽ ڪڏهن دبئي ۽ دوحا جي بندرگاهن ۾ اچي جهاز کي لنگرانداز ڪبو هو ته ڪڏهن پينانگ، بئنڪاڪ ۽ سنگاپور ۾. هي اهي ڏينهن هئا جن ۾ اسان جي ملڪ ۽ ماڻهن جو پاڻ سَڀرو حال هو. اسان جي ملڪ جي مقابلي ۾ سنگاپور به دو نمبري ملڪ لڳندو هو. ملائيشيا ۽ دبئي جهڙا ملڪ بزنيس، عمارت سازي، تعليم ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ اسان کان گھڻو پٺتي هئا. نه رڳو اسان جي روپئي جو پر اسان جي ماڻهوءَ جو به مٿانهون قدر هو- تڏهن ته ملائيشيا، سنگاپور، ٿائلينڊ ته ڇا آمريڪا جهڙن ملڪن ۾ به آسانيءَ سان رهائش ملي وئي ٿي، پر اسان جي ماڻهن پنهنجي ملڪ ۾ ئي رهڻ کي بهتر ٿي سمجھيو، جتي سستائيءَ سان گڏ امن امان جي حالت به بهتر هئي. انهن ڏينهن ۾ بروڪلن (نيويارڪ) جي شيدي پاڙن ۽ سنگاپور جي چيني علائقن ۾ ڏينهن جو اڪيلي نڪرندي ڊپ ٿيندو هو.
پر پوءِ يارو! اسان جي ملڪ کي خبر ناهي ڪنهن جي نظر کائي وئي! آهستي آهستي اسان وڃون هيٺاهين جو رخ ڪندا. 1968ع ۾ به ڊالر چئن رپئي هوندو هو، اڄ اهو 150 کان مٿي چڙهي ويو آهي. اڄ آمريڪا جهڙي ملڪ جي گھمڻ جي ويزا ملڻ به مشڪل ٿي پئي آهي نه ته مون کي ياد آهي ته شاديءَ بعد جهاز آمريڪا وڃي رهيو هو ته زال جو پاسپورٽ بئري هٿان ڪراچيءَ جي آمريڪن ايمبيسيءَ ۾ موڪليوهوم ته هنن ان تي ملٽيپل ويزا جو ٺپو هڻي ان ئي ڏينهن شام جو ڏياري موڪليو هو. ان پاسپورٽ کي ڏسي اڄ به حيرت ٿيندي آهي ته اهي ڪهڙا ته سندر ڏينهن هئا جڏهن اسان جي ملڪ جي ماڻهن کي دنيا جي هر ملڪ ۾ عزت سان ڏٺو ويو ٿي. ياد رهي ته پاڻيءَ جي جهازن تي نوڪري ڪرڻ وارن لاءِ پاسپورٽ ضروري ناهي. هو ڪنهن به ملڪ ۾ سي ڊي سي ڪتاب تي داخل ٿي سگھي ٿو. باقي ان سان گڏ ان جي زال ۽ ٻارن کي سندن پاسپورٽن تي سفر ڪرڻو پوي ٿو.
دبئي ۽ ملائيشيا جهڙا ملڪ جيڪي اسان جي ملڪ کان پٺتي هئا ۽ جتي جي ماڻهن کي اسان ڄٽ ٿي سمجھيو اڄ اسان کان هر فيلڊ ۾ اڳيان نڪري ويا آهن… تعليم ۽ صحت ۾، روڊ رستن ۽ سفر جي آسانين ۾- سڀ کان وڌيڪ لا ائنڊ آرڊر ۾-يعني امن امان ۾.
انهن ملڪن ۾ پهچي هر ڪو پُرسڪون محسوس ڪري ٿو. ڪنهن به مونجھاري يا مسئلي رونما ٿيڻ تي پوليس مدد ڪري ٿي ۽ هڪ مسڪين ۽ ڪمزور به پنهنجو حق حاصل ڪري سگھي ٿو. اتي جو قاعدو قانون ۽ جزا ۽ سزا جو سلسلو اهڙو مضبوط آهي جو اتي جي بادشاهه کي به ڪٽهڙي ۾ آڻيو ڇڏي ۽ نجيب رزاق جهڙي وزيراعظم کي به يڪدم ڪاٺ ۾ وجھيو ڇڏي، جيتوڻيڪ هن جو تعلق ملڪ جي اعليٰ خاندان سان آهي ۽ سندس والد تُن عبدالرزاق ملائيشيا لاءِ وڏيون خدمتون ڏنيون ۽ هو ملڪ جو ٻيو وزيراعظم ٿي رهيو- جنهن جي نالي ڪوالالمپور ۾ ڪيتريون ئي شيون آهن. پر هن جي پٽ وزيراعظم جيئن ئي ڪرپشن ڪئي ته هن کي سزا خاطر ڏنڊ ۽ جيل ۾ بند ڪرڻ ۾ دير نه ڪيائون. سندس پارٽي UMNOجا ماڻهو به نه ڪُڇيا… هر هڪ اهو ئي چيو ته “جيڪو ڪري سو ڀري.” هن جي ڪرپشن جي تفتيش ڪرڻ لاءِ جيتوڻيڪ سک پوليس آفيسر هو ۽ چيني جج هئا پر هنن منٽ ڪري ورتا… ان کي چئبو آهي ته نه رڳو انصاف ٿيڻ کپي پر انصاف ٿيندو نظر به اچڻ کپي… ۽ جيترو جلد اوترو بهتر… نه ته ٻي صورت لاءِ اهو ئي چيو وڃي ٿو ته:
Justice Delayed is Justice Denied
طاقتور ماڻهن کي جيلن ۾ وجهڻ جون ڳالهيون اسان جي ملڪ جي ماڻهن کي حيرت ۾ وجھيو ڇڏين جو اسان وٽ ته ڪڪڙ جي چور جي ته جيل ۾ عمر ڳريو وڃي، پر ملڪ کي ڦري، عوام کي فقير بڻائڻ وارا وتن ضمانتن تي گھمندا ۽ ولايتن ۾ عيش ڪندا. آئون به اهو ئي ٿو چوان ته اسان عربن يا ملائيشين کي ڄٽ ڪيئن ٿي سڏيو؟ ڏٺو وڃي ته هو ته وڏا عقلمند ۽ ڏاها چئبا جو هنن پنهنجن ملڪن کي ٺاهي ڇڏيو آهي ۽ اتي جي پوليس سياستدانن جي ذاتي غلام ٿيڻ بدران ملڪ ۽ عوام جي خذمت ڪري ٿي. اتي پوليس ڪنهن وڏيري، ڀوتار ۽ وزير، شاهه پير جي کيسي ۾ ناهي. هوءِ اهو ٿي ڪري جيڪو ملڪ جي قانون ۾ آهي ۽ اهو ئي ته اسان جهڙن ملڪن جي ماڻهن لاءِ حيرت جو سبب آهي ۽ آئون به ڪوشش ڪري ان قسم جون ٿيندڙ ڳالهيون پڙهندڙن جي حيرت لاءِ لکندو رهان ٿو. جيئن هڪ هنڌ لکي چڪو آهيان ته اسان جڏهن نوڪريءَ لاءِ ملائيشيا ۾ اچي رهياسين ته اسان پهرين ڏينهن کان ئي گاڏي پئي هلائي. مڪاني قاعدن قانونن موجب ڪنهن ڊرائيونگ اسڪول مان گاڏي هلائڻ سکي، ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪرڻ جو ته سوچيوسين به ڪونه. ويهه سال دنيا جي سمنڊن تي هڪ کان هڪ ماڊرن جهاز هلائي پهتا هئاسين، سو اسان ان ئي غرور ۾ غرق هئاسين. اهو سوچيوسين ٿي ته ڪنهن پوليس واري جي ڪهڙي مجال جو اسان کان لائسنس جي پڇا ڪري. پر پوءِ اسان جي دماغ جا طاق ٻن هفتن اندر کلي ويا، جڏهن اخبار جي پهرئين صفحي تي اها خبر پڙهيسين ته ڀر واري رياست جي سلطان (جنهن جو سال اندر بادشاهه ٿيڻ جو وارو اچڻ وارو هو، ان) جي پٽ جو پوليس واري سگنل ٽوڙڻ تي چالان ڪيو آهي. سندس والد-يعني رياست جي سلطان کي جڏهن خبر پئي ته هن پوليس واري کي سندس آفيسر SPسميت پاڻ وٽ گھرايو ۽ هنن اڳيان پنهنجي پٽ کي ٿڦڙ هڻي چيو ته “خبردار! قانون امير توڙي غريب لاءِ هڪ ٿيندو آهي. اهو نه سمجھجانءِ ته سلطان جو پٽ آهين ته جيئن وڻنئي تيئن ڪر.” ان سان گڏ هن پوليس واري (جنهن سندس پٽ جو چالان ڪيو هو، ان) کي شاباس ڏنائين.
سو ان مان اندازو لڳائي سگھو ٿا ۽ ڀيٽ ڪري سگھو ٿا ته ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ امن امان ڇو آهي ۽ پوليس ايمانداريءَ سان ڊيوٽي ڇو ٿي ڪري.