ليه/جهنگ (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته بدقسمتي سان ملڪ ۾ ايمانداري سان هلڻ ناهي ڏنو ويندو. سريلنڪا ۾ به شريفن وانگر هڪ خاندان 20 سالن کان حڪومت ۾ رهي پرڏيهه  ملڪيتون ٺاهيون. ليه ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته  اسان جو مقابلو لوٽن ۽ اليڪشن ڪميشن سان آهي، ڪرائم منسٽر ۽ سندس پٽ تي 16 ارب ڪرپشن جا ڪيس آهن، هن چيو ته شهباز شريف آيو ته ماڻهن سمجهو ڪو افلاطون آهي هاڻي پت وائکي ٿي وئي، اسان سچ تي بيٺا آهيون پوئتي نه هٽنداسين هن چيو ته سريلنڪا ۾ به شريف خاندان  وانگر هڪ خاندان 20 سالن کان حڪومت ۾ رهي اربين رپين جون پرڏيهه ۾ ملڪيتون ٺاهيون هاڻي سريلنڪا ڪنگال ٿي ويو آهي. ان کان اڳ جهنگ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اسان کي 17 جولاءِ تي ٿيندڙ ننڍيون چونڊون پنهنجي مستقبل لاءِ کٽڻيون آهن، اسان کي آمريڪي غلامن کان ملڪ کي بچائڻو آهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف سرڪاري بينڪن مان پئسا کڻي فيڪٽريون ٺهرايون ۽ اقتدار ۾ اچي پئسو معاف ڪرائي ڇڏيو، بدقسمتي سان ملڪ ۾ ايمانداري سان هلڻ ناهي ڏنو ويندو. ننڍي چونڊن جي حوالي سان عمران خان چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر لڪي لڪي مريم نواز ۽ حمزا شهباز سان ملندو رهيو، ان باوجود سموري قوم اسان سان بيٺي آهي، انهن کي اهڙي شڪست ڏيو جو ياد رکن. هن چيو ته مان ملڪ ۾ شفاف چونڊن لاءِ وڏي ڪوشش ڪئي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين لاءِ قانون به جوڙايو پر نواز شريف ۽ آصف زرداري جي خاندان ان کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، چيف اليڪشن ڪمشنر به اي وي ايم نه اچڻ ڏني. تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته سنڌ جو اليڪشن ڪمشنر انهن جو ملازم آهي، انهن کان پگھار وٺندو آهي، سنڌ ۾ جيئن مڪاني چونڊون ٿيون، ان تي اليڪشن ڪميشن کي قدم کڻڻ گھرجي، جي يو آءِ (ف) ۽ ايم ڪيو ايم به ڌانڌلي جي دانهن ڪئي، سنڌ ۾ ڌانڌلي تي چيف اليڪشن ڪمشنر ۾ اخلاقي جرئت هجي ها ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ها.