اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي ۽ اڳوڻي ناڻي وزير مفتاح اسماعيل بجيٽ تي وفاقي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي بجيٽ تي نظرثاني جو مطالبو ڪيو، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته وفاقي بجيٽ پاڪستان جي تاريخ جي بدترين بجيٽ آهي، بجيٽ ملڪي عوام معيشت ۽ ملڪ جي لاءِ تباهي ثابت ٿيندي، ملڪ جي معيشت رهندي يا بجيٽ رهندي ٻئي گڏ نٿا هلي سگهن. 30 کرب ته حڪومت خرچ ڪري رهي آهي، غريب ماڻهن لاءِ صرف 500 ارب رکيا ويا آهن، باقي حڪومتي خرچ ۽ انهن جي راند آهي. سڀ کان وڌيڪ بار ٽيڪس ادار ڪندڙن برداشت ڪري رهيا آهن سمورو بار پگهار دار طبقي تي وڌو ويو آهي. جيڪو ٽيڪس ادا ڪري رهيو آهي ان تي به ٽيڪس لڳايو ويو آهي. کير ۽ ٻارن جي کاڌي تي به ٽيڪس لڳايو ويو آهي، حڪومت پنهنجا خرچ گهٽ نٿي ڪري سگهي. هن چيو ته ڊيزل ۽ ايل پي جي اسمگلنگ ٿي رهي آهي، ان تي ٽيڪس لڳائي ڇڏيو ته وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ جي ضرورت نه پوندي، ڇا هي قرض مهانگائي کي منهن ڏيندڙ عوام برداشت ڪري سگهندو. هر ماڻهو ڄاڻي ٿو ته وڏي رقم سڌي ريت کيسي ۾ هلي ويندي آهي. اڳوڻي ناڻي وزير مفتاح اسماعيل چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿي ويندو، آءِ ايم ايف ناهي چيو ته پنج سو ارب ايم اين ايز کي ڏيو. ڇا ٽيڪس جي مٿان ٽيڪس لڳائڻ جو به آءِ ايم ايف چيو آهي؟ مڊل ڪلاس جو استحصال ڪرڻ جون به ڇا آءِ ايم ايف جون هدايتون آهن؟ شاهد خاقان چيو ته خوش قسمتي آهي ته مان هن اسيمبليءَ جو حصو ناهيان. خدشن جي اظهار سان ڳالهه ناهي ٺهندي. حڪومتي اتحادي به هن بجيٽ پاس ٿيڻ جا حصيدار آهن، ماڻهو ٽيڪس ڏيڻ بند ڪري ڇڏيندا ته حڪومت ڇا ڪندي؟