بخشاپور (ن پ ا) بخشاپور ٿاڻي جي حد ٽي ڏينهن اڳ ڳوٺ سوداگر ڊومڪي ۾ سڱاوتي تڪرار تان قتل ٿيل نوجوان گلزار ڊومڪي جو قتل ڪيس مقتول جي سئوٽ اميد علي ڊومڪي جي فرياد تي امير الدين، هدايت علي، امانت علي، سفر الدين، صدر الدين، قبول سميت چوڏهن ڄڻن مٿان داخل ڪيو ويو آهي، بخشاپور پوليس واقعي کي ٽي ڏينهن گذرڻ بعد به جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي.ياد رهي ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿيو،گوليون ۽ لٺيون لڳڻ سبب گلزار ڊومڪي موقعي تي قتل ٿي ويو، جڏهن ته سيف الدين ڊومڪي دلدار ڊومڪي ۽ بالاچ ڊومڪي زخمي ٿي پيا جن کي رحيم يار خان منتقل ڪيو ويو هو جتان زخمين جي حالت نازڪ هجڻ ڪري ڪراچي ريفر ڪيو ويو آهي.