بخشاپور (ن پ ا) بخشاپور جي علي جان ڊومڪي محلي مان ڏيڍ ورهيه جي منور  ڊومڪي کي مبينا طور اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. وارثن ٻارڙي جي پيءُ پير بخش ڊومڪي، ڏاڏي شربت ڊومڪي، سانوڻ ڊومڪي، رحمدل ڊومڪي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ٻارڙو گھٽيءَ ۾ راند کيڏڻ لاءِ نڪتو ته ٻن عورتن کيس اغوا ڪري وڃي رھيون هيون اسان واقعي واري ھنڌ پھچي اغوا ڪار عورتن کي پڪڙي ٻاررڙي کي ڇڏائي ورتو. ھنن چيو ته ٻارڙي کي اغوا ڪندڙ عورتن کي سڃاڻي ورتو آهي ۽ بخشاپور ٿاڻي تي واقعي جي اين سي داخل ڪرائي آهي پوليس واقعي ۾ ملوث عورتن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي. ھنن ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽس وٺي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪري شھرين جي تحففظ  کي يقيني بڻايو وڃي.