بخشاپور(ن پ ا) بخشاپور ويجهو ڳوٺ لقائو بنگوار ۾ زمين تي ڪرين مشين هلائيندڙ ڊرائيور جاويد پٺاڻ ۽ ڳوٺاڻي شاد محمد بنگوار کي هٿياربند مبينا اغوا ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته مزاحمت تي جوابدار تشدد بعد ڳوٺاڻي شاد بنگوار گبلو ٿاڻي جي حد ۾ ڇڏي ڊرائيور کي اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا، ٻي طرف اغوا واردات خلاف ڳوٺاڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي مظاهرين چيو ته ضلعي ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، هٿياربند ڪرين مشين جي ڊرائيور جاويد کي اغوا ڪري ويا  آهن، پوليس ڪجھه ناهي ڪيو، نوجوان کي بازياب ڪرايو وڃي.هوڏانهن ايس ايچ او گبلو شبير ڀيو ٻڌايو موجب ته  ڌاڙيلن آرڊي 51 ڳوٺ مشتاق بنگوار مان ڊرائيور کي اغوا ڪيو آهي، ڌاڙيل دريا پار ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا آهن.