ڪراچي: پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته احتجاج ڪرڻ سڀني جو حق آهي پر پوليس صرف امن امان جي صورتحال سبب بيهاري وئي هئي، پ پ حڪومت ڪنهن کي به ڌرڻو لڳائڻ کان نه روڪيو هو، بلاول هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڪنهن جي بزنس کي روڪڻ جي خلاف آهيون، بزنس ڪرڻ سڀني جو حق آهي ۽ ڪنهن کي ڀڃ ڊاهه ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته ڪراچي کان حيدرآباد تائين ڪيتريون ئي هائوسنگ اسڪيمون تعمير ٿي رهيون آهن پر غيرقانوني تعميرات جي خلاف آهيون. نثار کهڙو چيو ته بحريا ٽائون تي جيڪا هنگامه آرائي ٿي آهي اها ترقي جي خلاف آهي، پ پ جي صوبائي صدر چيو ته بحريا ٽائون سامهون ڌرڻي ۾ پاڪستان مخالف نعرا هنيا ويا ۽ ڀڃ ڊاھ ڪئي وئي، جنهن ڪري پوليس پاران ڪارروائي ڪئي وئي،