بجيٽ کانپوءِ مهانگائي جو طوفان اچي ويو: پيٽرول 7.45 ۽ ڊيزل 9.56 رپيا مهانگو

0
18

بجيٽ کانپوءِ مهانگائي جو طوفان اچي ويو: پيٽرول 7.45 ۽ ڊيزل 9.56 رپيا مهانگو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بجيٽ جي منظوري ٿيندي ئي ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان اچڻ شروع ٿي ويو، وزيراعظم پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي، گئس جي اگهن ۾ به اضافو ڪيو ويو آهي

آءِ ايم ايف جا شرط پورا ٿيڻ لڳا آهن، حڪومت  پيٽرول 7 رپيا 45 پيسا في لٽر قيمت وڌائي ڇڏي آهي، ڊيزل جي قيمت ۾ 9 رپيا 56 پيسا في لٽر اضافو ڪيو ويو آهي

لائيٽ ڊيزل 9 رپيا 88 پيسا ۽ گاسليٽ 10 رپيا 5 پيسا في لٽر واڌ ڪئي وئي آهي، قيمتن ۾ واڌ کانپوءِ پيٽرول 258.16 مان وڌي 265.56 رپيا لٽر ٿي ويو، ڊيزل 267.89 مان وڌي 277.45 رپيا لٽر ٿي ويو آهي

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽروليم شين جون نيون قيمتون رات 12 وڳي کان  لاڳو ٿي چڪيون آهن جيڪي ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ هونديون. هوڏانهن وفاقي حڪومت نئين بيل آئوٽ پيڪيج لاءِ آءِ ايم ايف جو هڪ ٻيو اڳواٽ شرط پورو ڪندي ٽيڪسٽائل سميت جنرل انڊسٽري يا ڪيپٽو پاور پلانٽس لاءِ گيس مهانگي ڪري ڇڏي

ناڻي وزير محمد اورنگزيب جي صدارت ۾ ٿيل  اي سي سي جي اجلاس ۾ پيٽروليم وزارت جي تجويز تي گيس جي قيمتن جي منظوري ڏني وئي

ناڻي وزارت جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آھي ته اي سي سي گيس قيمتن جي منظوري ڏني آھي، ان کان وڌيڪ پڌرائي ۾ وڌيڪ تفصيل نه ڏنا ويا آھن

ذريعن ٻڌايو آھي ته اي سي سي گهريلو صارفين لاءِ گيس قيمتون برقرار رکڻ جي منظوري ڏني آھي، اوگرا پاران پهرين جولاءِ کان ايس اين جي ايل لاءِ 10 ۽ ايس اين جي پي ايل لاءِ 4 سيڪڙو قيمتون گهٽ ڪرڻ جي سفارش حڪومت کي موڪلي هئي پر حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ بجاءِ قيمتون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آھي

نئين قيمت اڄ کان لاڳو ٿيندي، صنعتن لاءِ به گيس قيمتون برقرار رکڻ جي منظوري ڏني وئي، ڪيپٽو پاور لاءِ گيس ٽيرف 250 ايم ايم بي ٽي يو جي اضافي جي منظوري ڏني آھي جنهن بعد ڪيپيٽو پاور لاءِ في ايم ايم بي ٽي يو گيس ٽيرف 2750 روپين مان وڌي 3 هزار رپيا ٿي ويو آھي