اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت بجلي جي چوري روڪڻ ۽ وصولين لاءِ پلان لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي جنهن تحت آءِ ايس آءِ، ايم آءِ ۽ ٻين آفيسرن تي ٻڌل گڏيل يونٽ قائم ڪيو ويندو. رپورٽ موجب لاڳاپيل ڊسڪوز جو سي اي او ڊائريڪٽر جڏهن ته سيڪٽر ڪمانڊر سول آرمڊ فورسز جو ڊائريڪٽر هوندو. پاور ڊويزن سمري توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي جنهن جي اڄ منظوري جو امڪان آهي. پهرين مرحلي ۾ ملتان اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني ۾ يونٽ قائم ٿيندو. جتي پاور سيڪٽر بدترين صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ ماضي جا سمورا اصلاحاتي منصوبا ناڪام ٿي چڪا آهن. توانائي واري وزارت موجب ورڇ ڪندڙ ڪمپنيون 1 هزار 780 ارب روپين جون بقايائون وصول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪيون آهن. بدانتظامي سبب سڌارن جو سمورو عمل ناڪام ٿي چڪو آهي. ڊسڪوز سپورٽ يونٽ جا نتيجا ملڻ کان پوءِ ٻين ڪمپنين ۾ سپورٽ يونٽ قائم ڪيو ويندو. ڊسڪوز سپورٽ يونٽ سيڪريٽري پاور ڊويزن کي سڌو سنئون رپورٽ ڪندو.