بجلي جي چوري ۽ لوڊشيڊنگ

0
24
بجلي جي چوري ۽ لوڊشيڊنگ

پاور واري وفاقي وزير اويس لغاري ھڪ ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي چيو ته ھر سال پوري ملڪ ۾ 600 ارب روپين جي بجلي چوري يا ضايع ٿي رھي آھي. انھي چوري جي ڪري ملڪ جون سڀئي پاور ڪمپنيون جبري لوڊشيڊنگ ڪري رھيون آھن. ان ڪري وڌيڪ نقصان کي گهٽ ڪرڻ لاءِ به لوڊڍشيڊنگ ڪرڻي پوي ٿي. سندس دعوا آھي ته ھن وقت پاڪستان ۾ واڌو بجلي ٺھي رھي آھي، بجلي جي پيدارار جي ڪابه کوٽ نه آھي. جڏھن ته پاڪستان ۾ بجلي وڌيڪ لاڳت سان جنريٽ ٿي رھي آھي، جيڪا تيل، گيس مان ٺھي رھي آھي. پاڪستان تيل ٻاھران گھرائي ٿو. ھاڻي ته گيس به ٻاھران گھرايو وڃي ٿو يعني گيس جي ملڪ اندر پيداوار گھرج کان گهٽ آھي، ڏھاڪو سال پھرين پاڪستان گيس جي پيداوار ۾ خود ڪفيل ھو، ھن وقت به سنڌ صوبو تيل توڙي گيس جي پيداوار ۾ ٻين ٽنھي صوبن کان اڳتي آھي. باقي ٽن صوبن جي گڏيل پيداوار کان سنڌ مان نڪرندڙ تيل توڙي گيس جي پيداوار گهڻي آھي. ياد رھي ته پاڪستان ۾ نڪرندڙ تيل پنھنجي ملڪي ضرورتن جو صرف 17 سيڪڙو پورائو ڪري ٿو، باقي 83 سيڪڙو تيل مھانگي اگھ تي عرب ملڪن مان گهرايو وڃي ٿو، جيڪو ملڪي خزاني تي وڏو بار آھي. ھاڻي جڏھن بجلي جو وڏو حصو تيل گيس مان تيار ٿيندو ھجي، ان جي اگھ وڌڻ جو ھڪڙو سبب ته واضح آھي، ته بجلي ٻاھرين ملڪ جي ڪموڊٽي يا جنس آھي. ڪراچي اليڪٽرڪ مان پيدا ٿيندڙ بجلي ته سئو سيڪڙو تيل ۽گيس مان ٺھي ٿي. ان جو سمورو نزلو، ايمانداري توڙي باقاعدگي سان بل ادا ڪندڙن مٿان پئجي رھيو آھي. ھڪ اندازي موجب روزانو 19.7 ارب يونٽن بجلي چوري ٿي رھي آھي. جيڪو ٽوٽل يونٽن جو 16.4 سيڪڙو آھي. بجلي جي چوري کي روڪڻ لاءِ گذريل سيپٽمبر کان فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي ايف آءِ اي جي مدد سان شروع ڪيل مھم به گھربل نتيجا ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آھي. جنھن جي سزا وڌ کان وڌ لوڊشيڊنگ جي صورت ۾ عوام کي ڏني پئي وڃي.

اهي لائين لاسز ڪهڙا آهن ۽ انهن جو تعلق بجليءَ جي لوڊشيڊنگ سان ڪيئن آهي؟ عوام کي ان بابت گهٽ ئي ٻڌايو ويندو آهي. اهڙي طرح سپلائي ڪمپنين پاران اهو به چيو پيو وڃي ته انهن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ وڌيڪ ڪئي وڃي ٿي، جتي بجلي جي بلن جي ادائيگي گهٽ آهي.

جيتوڻيڪ عيد يا ڪنھن تھوار جي موقعي تي بجلي جي لوڊشيڊنگ جي دورانيي کي گهٽ ڪيو ويندو آھي، بجلي ڪمپنين جي اختيارين جو چوڻ آھي ته جيتري بجلي جي سپلائي وڌيڪ ٿيندي، ايترو نقصان وڌيڪ ٿيندو. پوري ملڪ ۾ بجلي جي فراھمي جو نظام 12 ڪمپنين وٽ آھي، سنڌ ۾ اھو انتطام حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني (حيسڪو)، سکر اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني (سيپڪو)، ڪراچي اليڪٽرڪ وٽ آھي. ھر ڪمپني جي حدن ۾ اربين روپين جي بجلي جي چوري ٿي رھي آھي، ڪٿي گھٽ ته وري ڪٿي وڌ. چوريءَ جي انھيءَ عمل ۾ واپڊا جو عملو ھيٺان کان مٿي تائين سڌو سنئون ملوث آھي. انھن جي ملي ڀڳت کانسواءِ بجلي جي چوري ناممڪن آھي. چوري جو اھو عمل ڪن علائقن ۾ کلي نموني توڙي غنڊاگردي سان ڪيو پيو وڃي. واپڊا جي اعليٰ اھلڪارن جو چوڻ آھي نيپرا جي رپورٽ موجب پشاور اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني (پيسڪو) پاڪستان ۾ لائين لاسز ۾ سڀ کان مٿانهين آهي، جنهن 2022 ۽ 2023 ۾ قومي خزاني کي 77 ارب رپين جو نقصان پهچايو آهي.

نيپرا جي رپورٽ موجب ٻئي نمبر تي سڀ کان وڌيڪ لائين لاسز سکر اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني جا آهن، جيڪي 34 سيڪڙي کان وڌيڪ آهن. جڏهن ته ٽئين نمبر تي حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني آهي، جنهن جا لائين لاسز 27 سيڪڙو آهن. انھن فيڊرن تي 100 سيڪرو بل ادا ڪندڙ به ويھ ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جي عذاب کي ڀوڳي رھيا آھن. جيڪي صارفين ڪنڊيون ھڻي بجلي جو بيدريغ  استعمال ڪن ٿا، اتي وڌيڪ نقصان ٿي رھيو آھي. جنھن ڪري ھاڻي اھا ڳالھ واضح آھي ته ملڪ ۾ بجلي جي ڪابه کوٽ نه آھي. پر جتي به لوڊشيڊنگ ٿي رھي آھي، اتي بجلي جي چوري توڙي غلط انتظامڪاري آھي. جيتوڻيڪ حڪومت ھاڻي سڀني ڪمپنين کي خانگائڻ جو سوچي رھي آھي. پر اھو تجربو به ڪو ڪامياب ٿيندي نظر نه اچي رھيو آھي، ڇاڪاڻ تي ان تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مدد جي ضرورت پوندي، جيڪا پھرين به اھڙي مدد حاصل ٿيندي پئي رھي آھي پر ان سان ڪوبه فرق نظر نه آيو آھي. ھڪڙو آپشن اھو ٿي سگھي ٿو ته انھن ڪمپنين جي مالڪي توڙي مڪمل ڪنٽرول صوبن جي حوالي ڪيو وڃي، صوبن کي بجلي جي پيداوار توڙي سپلاءِ جو مڪمل اختيار ھجي، خاص ڪري صوبن ۾ سولر، ونڊ مان بجلي جي پيداواري ذريعن کي وڌايو وڃي.

هن ڀيري پاڪستان ۾ جون جي آخري ڏهن ڏينهن ۾ گرمي انتهائي غير معمولي رھي، ۽ گرمي جي لهر دوران پاڪستان جي اڪثر علائقن ۾ گرمي پد معمول کان چار کان ڇهه ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ آهي. ٻئي طرف توانائي واري وزارت جي عملدارن پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ بجلي جو موجوده شارٽ فال 6 هزار 765 ميگاواٽ آهي. اختيارين موجب هن وقت بجلي جي ڪل پيداوار 20 هزار 235 ميگا واٽ آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ بجلي جي طلب 27 هزار ميگا واٽ آهي. بجلي جي طلب ۽ رسد ۾ فرق سبب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو لوڊشيڊنگ کي منهن ڏئي رهيا آهن.

لائين لاسز يا نقصان ڇا آهن؟

پاڪستان ۾، هڪ سرڪاري ادارو آهي جنهن کي نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) سڏيو ويندو آهي، جيڪو بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنين کي ريگيوليٽ ڪري ٿو ۽ اهو ادارو بجلي جي ٽرانسميشن لاءِ قاعدا ۽ ضابطا مقرر ڪري ٿو. گرڊ اسٽيشنن جي ڳالهه ڪجي ته پاڪستان ۾ 500 ڪي وي اي جون 19 گرڊ اسٽيشنون، 50 ڪي وي اي جون 200 گرڊ اسٽيشنون آهن، جڏهن ته 20 هزار ڪلوميٽر کان وڌيڪ ٽرانسميشن لائينون آهن. نيپرا موجب بجلي گهرن ۾ پيدا ٿيندڙ بجلي جو پورو مقدار صارفين تائين نه پهچندو آهي، ڇو ته بجلي جي ٽرانسميشن ۾ ڪجهه سيڪڙو بجلي ضايع ٿي ويندي آهي. جنهن کي ٽرانسميشن ۽ ڊسٽري بيوشن لاسز چئبو آهي. جڏهن ته غير فني نقصانن ۾ بجلي چوري، غير قانوني ڪنيڪشن (ڪنڊا سسٽم) ۽ ميٽرٽمپرنگ شامل آهن ۽ انهن نقصانن تي ضابطو آڻڻ تمام ڏکيو آهي ۽ انهن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ موثر حڪمت عملين، حفاظتي انتظامن ۽ قانوني طريقن جي ضرورت آهي.

ڇا بجلي جي عدم ادائيگي تي لوڊشيڊنگ قانوني طور جائز آهي؟

بجلي سپلائي ڪندڙ ڪمپنين پاران لوڊشيڊنگ جو سبب اهو ٻڌايو ويو آهي ته لوڊشيڊنگ بجلي جا بل ادا نه ڪرڻ سبب ڪئي ويندي آهي، ان جي قانوني اجازت آهي يا نه؟ نيپرا قانون موجب ان جي هرگز اجازت ناهي. نيپرا جي پرفارمنس ڊسٽري بيوشن رولز 2005 موجب ڪنهن به سپلائي ڪمپني کي لوڊشيڊنگ جي اجازت تڏهن ڏني ويندي، جڏهن ملڪ ۾ بجلي جو بحران هجي يا ٽرانسميشن لائين ۾ ڪو مسئلو هجي. ٻي صورت ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪئي ويندي. جيڪڏهن 30 سيڪڙو لائين لاسز آهن ته ٽن ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي ٿي، 40 سيڪڙو لائين لاسز لاءِ چار ڪلاڪ، 50 سيڪڙو لائين لاسز لاءِ پنج ڪلاڪ، جڏهن ته 10 ۽ 20 سيڪڙو لائين لاسز تي لوڊشيڊنگ نه ٿي ڪئي وڃي.

[email protected]