ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا پاران گهر جو نئون بجلي ميٽر نه لڳائڻ خلاف شهري سيد ساجد حسين ڪنزيومر پروٽيڪشن ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته منهنجي والد سيد اقبال ۽ سيد حسين گڏجي گهر خريد ڪيو هو، 7 سال اڳ ٻئي ڄڻا وفات ڪري ويا آهن، جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ گهر جو بجلي جو ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيو آهي، اسان ڪي اليڪٽرڪ کي نئين ڪنيڪشن لاءِ درخواست ڏني پر ڪو به ازالو نه ٿيو. درخواستگذار وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته مون سموريون قانوني گهرجون به پوريون ڪيون آهن، عدالت کي استدعا آهي ته ڪي اليڪٽرڪ کي ڪنيڪشن ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي.