بجليءَ جو بل ۽ مرڻ جو دعائون!

0
11
بجليءَ جو بل ۽ مرڻ جو دعائون!

ملڪ ۾ بجليءَ جي سهولت غريب ماڻهوءَ کان ته ڪافي وقت اڳ کسجي چڪي، هاڻي وارو مڊل ڪلاس جو آهي. جهڙي ريت ٽيڪس مٿان ٽيڪس، مٿان وري هر مهيني بجلي مهانگي ڪئي پئي وڃي، ان مان لڳي ٿو، هاڻي ملڪ جي متوسط طبقو به بجلي استعمال نه ڪري سگهندو، باقي رهيو ايليٽ ڪلاس ته ان کي انهن سڀني شين مان ڪنهن جي به پرواهه ناهي، انهن دبئيءَ کان آسٽريليا تائين فليٽن کان جزيرن تائين گهڻو ڪجهه خريد ڪري ورتو آهي. بيشڪ، ڪنٽرولڊ مين اسٽريم ميڊيا جي ڪري اهي احوال اسان تائين پروپيگنڊا جي صورت ۾ نه پهچي سگهيا ته ‘دبئي ليڪس’ ۾ ڇا هو؟ پر پاڻ سالن کان سڀ ڪجهه ڄاڻون ٿا ته پارٽي ڪهڙي به هجي، عوام جي خلاف سڀ هڪ پيج تي آهن. ڪرپشن ۽ ملڪ ۾ لٽ مار جي سلسلي ۾ سڀ يڪجا ۽ حمام ۾ ننگا نظر ايندا….. هن ملڪ ۾ ڇا وهي واپري پيو، انهن کي ڪو فرق پوڻو ناهي. بس هن اعلى طبقي کي واري سان اقتدار ۾ اچي عوام جي ابتي کَل ئي لاهڻي آهي. ان حوالي سان ملڪ جي وزير اعظم شهباز شريف جو بيان ته، “بجيٽ ۾ عام ماڻهوءَ لاءِ گهڻا قدم کنيا ويا آهن”، ماڻهن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر لڳي ٿو. نتيجي ۾ مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن مرڻ جون دعائون شروع ڪيون آهن.

ملڪ جي نامور اداڪار راشد محمود جو بجلي بل سميت اهو وڊيو بيان، ملڪ ۾ مڊل ڪلاس جي سڄي صورتحال کي پڌرو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي، جنهن ۾ هو چئي ٿو ته، “هاڻي هِن حالت ۾ وڌيڪ زنده نه ٿو رهڻ چاهيان، چار ڀيرا دل جي تڪليف سبب علاج ڪرائي چڪو آهيان، سوچيان ٿو الله سائين مونکي ڇو بچايو، مري ڇو نه ويس. روز روز جي مرڻ کان هڪ ڏينهن مرڻ بهتر آهي”! اداڪار راشد محمود، بجليءَ جو جيڪو بل سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪيو آهي، اهو 45 هزارن کان وڌيڪ جو آهي؛ جنهن لاءِ هن جو چوڻ هو ته گهر ۾ فقط هڪ ٽن جي ايئرڪنڊيشنر آهي، جيڪا پڻ تمام احتياط سان هلائي ٿو. هو ٻڌائي ٿو ته بل ۾ 17 هزار ٽيڪس لڳايو ويو آهي. يعني هڪ پاسي مهانگي بجلي ته ٻئي طرف ٽيڪس مٿان ٽيڪس. “ايتري رقم ڪٿان آڻيان، بيماريءَ جي حالت ۾ جيڪڏهن ڪجهه ڪلاڪ اي.سي نه هلايان ته مرڻ جهڙو ٿي وڃان ٿو. هاڻي جڏهن هلائي آهي ته بل ڏسي مرڻ جون دعائون پيو ڪريان”. راشد محمود، پنهجي هن وڊيو بيان ۾ تمام گهڻيون ڏکاريون ۽ ڪساريون ڳالهيون ڪيون آهن؛ جيڪي ملڪ جي مڊل ڪلاس جي دل جا احوال لڳن ٿا. اها حقيقت به آهي ته بجلي بل ۾ ٽيڪسن تي نظر ڪئي وڃي ته سواءِ انڌير جي ڪجهه نظر نه ٿو اچي. هڪ ڊگهي لسٽ جنهن اهڙا ٽيڪس جيڪي مٿو ڦيرائڻ لاءِ ڪافي هوندا آهن. بجليءَ جي بل ۾ هيٺيان ٽيڪس ڏسي سگهجن ٿا:

* جيڪڏهن اسان بجليءَ جي قيمت ادا ڪئي آهي ته پوءِ ان تي اڃا ڪهڙو ٽيڪس ادا ڪجي؟

* ڪهڙو فيول آهي، جنهن جي الڳ ايڊجسٽمينٽ تي قيمت چڪائڻي پوي ٿي؟

* اليڪٽريسٽي ڊيوٽيءَ تي ڪهڙي ڊيوٽي آهي، جيڪا الڳ سان ادا ڪجي ٿي؟

* هڪ ڀيرو وري بجليءَ جي يونٽن تي ڊيوٽي، اهي يونٽ جن جي قيمت اسان اڳ ادا ڪري چڪا آهيون؟

* ٽي. وي جي فيس، سال ٿي ويا، اسان گهرن ۾ ڪيبل استعمال ڪندا آهيون، يا هاڻي ته گهرن ۾ انڊرياڊ سسٽم واريون ‘ٽي ويون’ اچي ويون آهن، پوءِ به سالن کان ٽي. وي. فيس جي نالي سان ڏنڊ ڀرجي پيو؟

* وري بل جي ٽماهي ايڊجمسنٽ ڇا آهي؟ جڏهن ته بل ماهوار ادا ڪيو ويندو آهي.

* فنانس ڪاسٽ چارجنگ؟ اهڙا ٽرم پڙهي، جنهن ۾ رڳو صارف جي کل ئي لاهڻي آهي.

* هر مهيني باقاعدگيءَ سان يونٽن جي ادائگي ڪرڻ جي باوجود وري ايڪسٽرا چارجز؟

* ڇا جا فرڌر چارجز؟

* وڌ هولڊنگ چارجز، ڪهڙي ڳالهه جا؟

*ميٽر رينٽ، ڇو؟ جڏهن ته ميٽر ته اسان پاڻ خريد ڪيو هو، پوءِ ڪِرايو ڇو؟

* بجليءَ تي انڪم ٽيڪس! ڄڻ اسان بجلي خريد ڪرڻ بجاءِ وڪرو ڪندا هجون؟

ڪنهن درست چيو آهي ته بجليءَ جو بل هاڻي باضابطا طور ‘رياستي ڀتا پرچي’ ۾ تبديل ٿي ويو آهي. ائين پيو محسوس ٿئي ته ملڪ جي معيشت بجليءَ جي بل تي بيٺي آهي ۽ اهو بل صرف مڊل ڪلاس جي مٿي جو سور آهي، باقي اسان جي ايليٽ ڪلاس جو ان سان ڪوبه تعلق ناهي. هن وقت بجليءَ جي بل جي حالت هيءَ آهي ته جيڪڏهن توهان ٻه سئو کان مٿي يونٽ خرچ ڪريو ٿا، جيڪي يقينن ٿي وڃن ٿا ته في يونٽ آرام سان 40 روپين تائين پهچي وڃي ٿو. تصور ڪيو گهريلو استعمال جو يونٽ 40 روپين تائين هجي ته باقي خرچ ڪهڙي ريت پورا ٿيندا؟

بجليءَ جي مهانگي هجڻ ڪري هن ڀيري ڪپهه جي آبادگارن کي به ڪاپاري ڌڪ رسڻ جو خطرو آهي. خاص ڪري سنڌ ۾ پاڪستان ڪاٽن اينڊ جيننگ فيڪٽريز ايسوسئيشن طرفان مڪمل هڙتال آهي. يعني فيڪٽريون، ڦٽيءَ جي خريداري نه ڪنديون. ان جو مکيه سبب بجليءَ جي في يونٽ قيمت 61 روپيا آهي. فيڪٽري مالڪان موجب، ڀارت ۾ ساڳي بجلي ست رويپا في يونٽ پوي ٿي، ان صورتحال ۾ هو عالمي مارڪيٽ ۾ ڪهڙو مقابلو ڪري سگهندا. سنڌ جيان پنجاب جي فيڪٽري مالڪان طرفان پريس ڪانفرنس ۾ چتاءُ ڏنو آهي ته هو ڪپهه جي خريداري نه ڪندا، سو ملڪ جي مظلوم آبادگارن سان هڪ ڀيرو ساڳيو ڪڻڪ وارو لقاءُ ٿيڻ وارو آهي، يعني ڪير به هنن کان سندن فصل خريد نه ڪندو. هي آهي اسان جو زراعت سان مالا مال ملڪ، جنهن جا احوال صرف ‘پاڪستان اڀياس’ جي ڪتابن ۾ پڙهي سگهجن ٿا، باقي ميدان ته هر پاسي ناانصافيءَ جي سڃ واڪا ڪندي ملندي.

بجلي جي فراهميءَ کان بلن جي صورت اوڳاڙي تائين جي ڪهاڻيءَ ۾ ماڻهو اهو چوڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ته هي ڪهڙي قسم جي رياست آهي، جيڪا 76 سالن به رڳو هڪ کاتي کي درست راهه تي نه آڻي سگهي آهي؟ ڇاڪاڻ ته اسان ڄاڻون ٿا ته هڪ طرف هتي بجليءَ جا ڳاٽي ٽوڙ بل اچن پيا، اتي چوري جو جهان به ايترو ته وڏو آهي جو ڪير ان جي سامهون بند ناهي ٻڌي سگهيو. کاتي جي ملازمن ۾ لائين مين کان ڪمپنيءَ جي سي. اي. او، اداري جي چيئرمين تائين هر ماڻهو، ان وهندڙ گنگا مان هٿ ڌوئي پيو. شهرن جي پوزيشن هيءَ آهي ته هڪ چوريءَ جي هڪ ڪنيڪشن مان ڏهه – ڏهه اي. سيون هلن پيون. ٻهراڙيءَ ۾ ته 24 ڪلاڪن ۾ صرف هڪ يا ٻه ڪلاڪ بجلي ديدار لاءِ ڏني ويندي آهي، باقي وچولن شهرن ۾ چوري پنهنجي عروج تي پهتل آهي، جيڪا پوءِ وڌيڪ لائيٽ ڪٽي، بند پيل ميٽرن جي مٿان يونٽ هڻي ايڊجسٽ ڪئي وڃي ٿي.

وڌيڪ رياستي سطح تي بل کي ڏسي سگهجي ٿو.اهو پڻ ته ڪهڙي ريت هڪ عام صارف سان ظلم ڪيو پيو وڃي. هن ملڪ جي بدقسمتي آهي جو هتي رهندڙن جي زندگي هر لمحي سان بدترين ٿيندي پئي وڃي، جڏهن ته باقي ملڪ خوشحاليءَ طرف وڃن پيا. ان جو مثال اوڙي پاڙي ۾ ڏسي سگهجي ٿو. هن ديس جو ايليٽ ڪلاس جهڙي ريت “سڀاڻي هجون نه هجون، جيڪو ڪرڻو آهي اڄ ڪري وٺجي” جي سوچ آڌار ملڪ جا بخيا اڊيڙي پيو، ان جو مثال ملڪ جي تاريخ ۾ نه ٿو ملي. ايتري ته نحوست ۽ نڪ نرڄائي آهي جو ماڻهن جو آهون دانهون به انهن جي ضميرن تي ڪو به اثر نه ٿيون ڪن. هڪ طرف جتي پنهنجا ڀڀ ڀرڻ لاءِ هر طرح جا حربا هلايا پيا وڃن ته ٻئي طرف ملڪ جي معاشي طور ڪمزور هجڻ جون دانهون الڳ آهن، جنهن لاءِ به عام ماڻهن کي قربانيءَ لاءِ چيو پيو وڃي. خبر ناهي ته هن خطي جو ڇا ٿيندو؟ پر حالتون ڪي ٺيڪ ناهن، خاص ڪري هن ملڪ جي مڊل ڪلاس کي جن ڏچن جي حوالي ڪيو ويو آهي ته لڳي ٿو ڪجهه سالن اندر ملڪ ۾ صرف ٻه طبقا بچندا هڪ اعلى اشرافيه جو طبقو ٻيو مسڪين ۽ اٻوجهه عوام…. ۽ پوءِ انهن غريبن کي اعلى طبقو ٻڌائيندو ته، “توهان جو ساهه کڻڻ به ڪنهن  نعمت کان گهٽ ناهي، توهان جو جيئڻ به وڌي ڳالهه آهي…..”!