لنڊن (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان پاڪستان جي سيلاب متاثرن لاءِ 5 ملين (50 لک) رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. باڪسر عامر خان پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان طرفان سيلاب متاثرن لاءِ منعقد فنڊ ريزنگ تقريب “لائيو ٽيلي ٿون” دوران پاڪستان جي سيلاب متاثرن لاءِ 50 لک رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو. عامر خان عمران خان جي سيلاب متاثرن لاءِ ٽيلي ٿون دوران ڪال ڪئي ۽ عمران خان جي تعريف ڪندي فوري طور 50 لک رپين جو اعلان ڪيو. باڪسر هر هفتي متاثرن لاءِ 5 ملين جي رقم عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪيو. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پهريان ته باڪسر عامر خان جو آواز نه سڃاتو پر ٽيم طرفان ٻڌائڻ تي عامر خان جا ٿورا به مڃيا.