باڊھه (ن پ ا) باڊھه جي ڪچي واري علائقي جي مشھور درگاهه محبڻ تي مسافر خاني ۽ روضي جي تعمير وارو  ڪم اڌ ۾ ڇڏڻ تي ٺيڪيدار خلاف درگاهه جي متولي فقير مختيار ٻگهيو ۽ عقيدتمندن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي هنن چيو  ته ٺيڪيدار عبدالستار پٺاڻ درگاهه جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي ويو آھي، سائين جي روضي ۽ مسافر خاني لاءِ اوقاف کاتي طرفان  هڪ ڪروڙ 65 لک روپين جي هڪ  اسڪيم منظور ڪئي وئي هئي، پر ٺيڪيدار روضي سميت مسافر خاني جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو آھي، هنن اوقاف کاتي جي اعلي اختيارين توڙي ضلعي انتظاميه کان مطالبو ڪيو آھي ته جلد کان جلد درگاهه جي بند ٿيل ڪم جو نوٽيس وٺي ٺيڪدار خلاف قانوني ڪارروائي ڪري درگاهه جو ڪم مڪمل ڪرايو وڃي.