ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ انڊسٽري جي هيروئنز ۾ دپيڪا پڊوڪون ۽ عاليا ڀٽ سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺن ٿيون. بالي ووڊ اداڪارا وٺن دپيڪا پڊوڪون ۽ عاليا ڀٽ فلم ۾ ڪم ڪرڻ جا 14-14 ڪروڙ معاوضو ٿيون. ڪترينا ڪيف ۽ ڪرينا ڪپور جو فلم ۾ ڪم ڪرڻ جو 12 ڪروڙ رپيا معاوضو مقرر ٿيل آهي. پريانڪا چوپڙا ۽ انوشڪا شرما فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ 8-8 ڪروڙ معاوضو وٺن ٿيون جڏهن ته شرڌا ڪپور جو معاوضو 7 ڪروڙ رپيا مقرر ٿيل آهي. وديا بالن ۽ ڪرٽي 4-4 ڪروڙ معاوضو وٺن ٿيون. ڪيارا ادواني ۽ جيڪلين فرنندز اڍائي اڍائي ڪروڙ رپيا معاوضو وٺن ٿيون. ديشا پٽاني، جانوي ڪپور ۽ سارا علي خان جو 2-2 ڪروڙ ۽ انايا پانڊي جو ڏيڍ ڪروڙ معاوضو مقرر ٿيل آهي.