باقراڻي/ موهن جو دڙو (نمائندن وٽان) باقراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ محراب پور جتوئي ۾ باهه لڳڻ سبب پورهيتن نديم ڀٽي، ثابت ڀٽي، ساگر ڀٽي، صابر ڀٽي، پپن ڀٽي، غلام مرتضي، مجاهد  ڀٽي، صدر ڀٽي، حاڪم جتوئي، گلشن جتوئي، بگن پيرزادو، حقن پيرزادو، عجيب پيرزادو، دلبر پيرزادو، عنايت ڀٽي ۽ حاڪم جتوئي جي گهرن کي باهه لڳي وئي، متاثرن جو چوڻ هو ته6 ٻڪريون، ٻه گڏھ، ٻه سو مڻ بهه، ٽن نياڻين جو ڏاج، بيٽريون، پکا،سولر پليٽون، ٻه موٽر سائيڪليون، هنڌ، رليون، کائڻ پيئڻ جا ٿانون، ڪپڙا ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي خاڪ ٿي ويو آهي، هنن دانهيو ته کائڻ لاءِ ڪجهه ناهي بچيو، هو کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. مدد ڪئي وڃي جئين هو ٻچڙن کي ڇپر ڇانوَ ڏيئي سگهن. سوين مڻ اناج، لکين رپين جو قيمتي سامان ۽ ٽن نياڻين مريم، راحيلا ۽ مسڪان جو ڏاج سڙي رک ٿي ويو.اهڙي خبر ٽائيم نيوز تي هلڻ بعد اي ڊي سي لاڙڪاڻو محمد علي گوپانگ، اي سي باقراڻي سهيل سومرو، ڊي ايس پي آغا شڪيل پٺاڻ ۽ مختيارڪار باقراڻي غلام حيدر سميجو واقعي واري هنڌ پهتا.اسسٽنٽ ڪمشنر باقراڻي سهيل احمد سومرو ٻڌايو ته باهه تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ٽائون ڪاميٽي آريجا، ميونسپل ڪاميٽي لاڙڪاڻي ۽ نئون ديرو ٽائون ڪاميٽي جي فائر برگيڊ گاڏيون گهرائي وڌيڪ گهرن کي سڙڻ کان بچايو.