باقراڻي (ن پ ا) باقراڻي لڳ ڳوٺ رمضان سھڙو ۾ نينگري سميت 15 ٻارڙا پراسرار بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، جن ۾ اڪثر ٻارڙن جون ڄنگھون ۽ ٻانھون توڙي پير ڦريل آهن ۽ هو گهمڻ واري صلاحيت کان محروم ٿي ويا آهن، ان حوالي سان پورھيت محبت سھڙو جا 5 ٻارڙا 7 ورهين جي نصرت، 4 ورهين جي سويرا، 3 ورهين جو علي، 5 ورهين جو صدورو، 8 ورهين جو تسليم، جڏهن ته ڳوٺاڻي عبدالواحد جو 6 ورهين جو پٽ جابر ، 5 ورهين جي ارم، 4 ورهين جو عديل، ڳوٺاڻي ضمير سهڙو جي 7 ورهين جو پٽ قدير سھڙو، خدا بخش سهڙو جو پٽ 6 ورهين جو مظفر سهڙو، عبدالحليم سهڙو جو 3 ورهين جو ٻارڙو امير علي، ڳوٺاڻي عبدالڪريم سهڙو جو 7 ورهين جو پٽ فرحان سهڙو، نياز علي سهڙو جي 13 ورهين جي نينگري حاجران سهڙو، نور الدين سهڙو جي 5 ورهين جي نياڻي شازيه سهڙو، الهوسايو جو 4 ورهين جو پٽ شعيب سهڙو پراسرار بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ بعد سندن ٻانهون ۽ ڄنگهون توڙي پير ڦري ويا آهن، جنهن سبب هو گهمڻ واري صلاحيت کان محروم آهن، ان حوالي سان ڳوٺاڻن محبت سهڙو، الهوسايو سهڙو، مرادان خاتون، عرفان الله کوهارو ۽ ٻين ٻڌايو ته پراسرار بيماري سبب ٻارڙن جون ٻانهون توڙي ڄنگهون ڦري ويون آهن، جنهن سبب هو گهمي ڦري نٿا سگهن، هنن چيو ته اسان ٻارڙن جو ڪافي علاج ڪرايو آهي پر سندن صحت ۾ ڪوبه سڌارو اچي نه سگهيو آهي، اسان کي شڪ آهي ته ٻارڙن کي پوليو يا فالج جو اثر آهي، جنهن سبب هو پيدائشي پهرين سالن ۾ ئي بيماري ۾ وٺجي وڃن ٿا، هنن صحت کاتي کان مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽرن جي ٽيم ڳوٺ موڪلي ٻارڙن جي چڪاس بعد سندن علاج ڪرائي معذوري کان بچايو وڃي.