باقراڻي (ن پ ا ) باقراڻي تعلقي جي يونيورسٽي ٿاڻي جي حد خير محمد آريجا شهر جي ڊکڻ محلا ۾ 22 سال جي نوجوان چنگچي ڊرائيور اعجاز ولد محمد صادق سومرو وڏي ڀاءُ کان پئسا گهريا نه ڏيڻ تي ڪاوڙجي زهريلي دوا پي ڇڏي، جنهن کي وارث ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال کڻائي ويا، جتي ڊاڪٽرن چڪاس بعد سندس موت جي تصديق ڪئي، نوجوان جو مڙهه وارث خير محمد آريجا کڻائي آيا، مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، سندس وارث عورتون لاش کي چنبڙي اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪيون ۽ کين بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا ، جنهن بعد فوتي نوجوان جو مڙهه سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.