باجوڙ/ پشاور/ اسلام آباد ( م ڊ ) باجوڙ ۾ ريموٽ ڪنٽرول ڌماڪي جي نتيجي ۾ اڳوڻي سينيٽر هدايت الله سميت 5 ڄڻا مارجي ويا. باجوڙ جي علائقي ڊمه ڊولا ۾ ريموٽ ڪنٽرول ڊيوائس ذريعي ڌماڪو ڪيو ويو. پوليس موجب، ڌماڪي ۾ اڳوڻي سينيٽر هدايت الله جي گاڏي کي نشانو بڻايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ اڳوڻي سينيٽر سيمت 5 ڄڻا مارجي ويا. 20 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا،گاڏي تباهه ٿي وئي پوليس موجب هدايت پي ڪي 22 ۾ پنهنجي ڀائٽيي جي چونڊ مهم لاءِ ڊمه ڊولا ويو  هو، چونڊ مهم کانپوءِ خار واپسي تي سندس گاڏي کي نشانو بڻايو ويو. عملدارن جو چوڻ آهي ته هدايت الله اڳوڻي ايم اين اي حاجي بسم الله جو پٽ ۽ اڳوڻي گورنر شوڪت الله جو ڀاءَ هو، جيڪو 2012 کان 2018 ۽ 2018 کان 2024 تائين آزاد حيثيت ۾ سينيٽر رهي چڪو آهي. هدايت الله هوائي بازي جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو چيئرمين ۽ نيڪٽا جو ميمبر  به رهي چڪو آهي.  صدر آصف علي زرداري باجوڙ ڌماڪي جي مذمت ڪندي اڳوڻي سينيٽر ۽ ٻين جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو، جڏهن ته مارجي ويلن جي وارثن سان ڏک جو اظهار ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي ۽ ٻين به ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته  شهيدن جي عظيم قربانين کي هميشه ياد رکيو  ويندو. خيبرپختونخواهه  جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور پوليس عملدارن کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي، گنڊاپور جو چوڻ آهي ته سمورن رخن کان جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي، سوڳوار خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيان ٿو.