لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سلمان ڀٽ بابراعظم اينڊ ڪمپني بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي. سلمان بٽ چيو آهي ته بابراعظم جي ڪپتاني اسٽيٽسڪو نه آهي ۽ بابراعظم جي ڪپتاني کي اسٽيٽسڪو چوڻ سياسي جملو آهي. پنهنجي ڳالهه جاري رکندي اڳوڻي ڪپتان چيو ته بابر ۽ رضوان ورلڊ نمبر ون ۽ ٽو آهن اهي ڪيتريون ئي ميچز کٽرائي چڪا آهن، جيڪڏهن ٻئي ڪڏهن اسڪور ناهن ڪندا ته هنن کي سپورٽ ڪرڻو آهي ريڊ لائن ناهي ڏيکارڻي. پاڪستان ٽيم طرفان 24 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيسنل کيڏندڙ اڳوڻي ڪپتان چيو ته اسٽرائيڪ ريٽ بدران ڪاميابي ۽ نتيجن کي ڏسڻ گهرجي. اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر اهو به چيو ته صائم ايوب هيٺين نمبرن تي سٺو کيڏندو آهي، اهو زلمي طرفان به اوپنر نه هو، صائم ايوب ڪنٽرولڊ بيٽنگ ڪندو آهي ۽ اهو جنهن طرف کيڏندو آهي شاٽ ان طرف ئي ويندو آهي. سلمان بٽ اهو به چيو آهي ته فخر زمان پهرين 6 اوورن کانپوءِ بهتر اسٽرائيڪ ريٽ سان کيڏندو آهي، فخر ۽ صائم ايوب جهڙا رانديگر ٽيم ۾ هجڻ ضروري آهن.