باباءِ قوم جو جنم ڏهاڙو، قائد جي مزار تي گارڊز جي تبديلي جي تقريب

0
335
باباءِ قوم جو جنم ڏهاڙو، قائد جي مزار تي گارڊز جي تبديلي جي تقريب
باباءِ قوم جو جنم ڏهاڙو، قائد جي مزار تي گارڊز جي تبديلي جي تقريب

ڪراچي(م ڊ) باباءِ قوم محمد علي جناح جي 145هين سالگرهه جي موقعي تي مزار قائد تي گارڊز جي تبديلي جي پر وقار تقريب منعقد ڪئي وئي

تقريب ۾ پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول جي ڪيڊٽس مزار قائد جي سيڪيورٽي جون ذميواريون سنڀالي ورتيون، تقريب جو خاص مهمان ڪمانڊنٽ پي ايم اي ميجر جنرل عمر احمد بخاري هو، جنهن باني پاڪستان جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي

قوم جي طرفان ملڪ جي باني کي سلامي پيش ڪئي وئي، ان موقعي تي قومي ترانو به پڙهيو ويو ۽ خاص مهمان پريڊ جو معائنو پڻ ڪيو، تقريب جي آخر ۾ خاص مهمان ميجر جنرل عمر احمد بخاري پڻ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات قلمبند ڪيا

ياد رهي ته قائداعظم جي مزار تي گارڊز جي تبديلي جي تقريب سال ۾ 3 ڀيرا 14 آگسٽ، 6 سيپٽمبر ۽ 25 ڊسمبر تي ٿيندي آهي، تقريب ۾ نيوي، ايئر فورس ۽ پي ايم اي ڪاڪول جا ڪيڊٽس ترتيبوار تقريب جي چارج سنڀاليندا آهن