واهي پانڌي (ن پ ا)  واهي پانڌي ۾ لاشاري ۽ رستماڻي برادري جي ماڻهن بااثر جي زيادتين خلاف واهي پانڌي_ جوهي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، احتجاج ڪندڙ  دائود لاشاري، شاهن لاشاري، رمضان رستماڻي، نظام رستماڻي ۽ ٻين چيو ته بااثر اسان جي زمين تي قبضو ڪري زمين تي هٿياربند ويهاري ڇڏيا آهن، پوليس دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هنن مطالبو ڪندي چيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.