ماسڪو (م ڊ) روس آمريڪي صدر بائيڊن جي گهرواري، ڌي سميت 25 آمريڪين  جي ملڪ ۾ داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي، پابندي لڳندڙن ۾ آمريڪي سينيٽرز، يونيورسٽي پروفيسرز، ريسرچرز سميت اڳوڻا آمريڪي عهديدار به شامل آهن، روسي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته روسي سياسي ۽ عوامي شخصيتن خلاف آمريڪي پابندين ۾ مسلسل توسيع جي ردعمل طور آمريڪي شهرين کي اسٽاپ لسٽ ۾ شامل ڪيو آهي.