سکر: سکر بئراج جي متاثر گيٽن بابت جاچ لاءِ آبپاشي کاتي پاران پنج رڪني ڪاميٽي قائم، ڪاميٽيءَ کي گيٽن کي نقصان پهچڻ جي ڪارڻ ۽ ڪوتاهي ڪندڙ آفيسرن جو تعين ڪري 5 ڏينهن اندر صوبائي وزير آبپاشي ۽ سيڪريٽري کي رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، آبپاشي کاتي پاران جاري ڪيل آرڊر موجب ڪاميٽي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر سنڌ بئراج امپروومينٽ پروجيڪٽ غلام محي الدين مغل جي سربراهي ۾ جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ مينيجنگ ڊائريڪٽر سنڌ ايريگيشن اينڊ ڊرينيج اٿارٽي حيدرآباد پريتم داس، چيف انجنيئر ڊولپمينٽ ريجن هڪ حيدرآباد، منصور احمد ميمڻ، چيف انجنيئر، سکر بئراج جي رائيٽ بينڪ ريجن لاڙڪاڻو مختيار احمد ابڙو کي ميمبر طور ڪاميٽيءَ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پروجيڪٽ ڊائريڪٽر اسڪارپ خيرپور محمد حيات شيخ کي  بطور ميمبر سيڪريٽري طور ڪاميٽي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، آرڊر ۾ ڪاميٽيءَ کي هدايت جاري ڪئي وئي آهي ته ٻن مهينن تائين بئراج آپريشن ايس او پي جو جائزو وٺي جاچ ڪئي وڃي، ڪاميٽي سکر بئراج جي گيٽ نمبر 44 ۽ 47 کي نقصانن جي سببن جو تفصيل سان تعين ڪندي.