اڻٽر عدم اعتماد جي رٿ ۽ ممڪن نتيجا

0
225
اسلام، جمهوريت، آمريت ، فاشزم ۽ انارڪي

  سياست به عجيب ممڪنات جي راند آھي جنهن ۾ لڳي ٿو ته واقعي ڪو به مستقل دوست يا مخالف نه ھوندو آھي، مقصد صرف برسر اقتدار اچي حڪمراني جو حق حاصل ڪرڻ ھوندو آھي. جنهن شي کي اصول سڏبو آھي سو گهٽ ۾ گھٽ پاڪستاني سياست ۾ نظر ئي نٿو اچي. وقتي سياسي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ دنيا ۾  اتحاد جڙندا ۽ ڦٽندا آھن پر مخالفت ڪندي جن سرحدن کي اسان جا اڳواڻ اک ڇنڀڻ بنا پار ڪريو وڃن ان جو مظاھرو عام انسان به پنهنجي سماجي معاملات ۾ روا رکڻ کان لنوائيندو آھي. جنهن سبب سڪڻي ٻار وانگر جنهن مهل ڪو موقعو ملڻ جو اشارو ملندو اٿس ان کي ھر جائز ۽ ناجائز طريقي سان حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ بي اصوليون ڪري ويندو آھي.

  انهي ماحول ۾ ڪافي ڏينهن کان مخالف ڌر وارا ھڪٻئي سان شديد اختلافن ھوندي به حڪومت خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ آڻڻ لاءِ اعتبار ۾ نه اچڻ جيترا سرگرم ٿي ھميشه کان وڌيڪ متفق نظر اچڻ لڳا آھن. ان منزل تي پهچڻ لاءِ ڪنهن ڪنهن کي پنهنجي اعلانيل مؤقف کان  ڪيترو پوئتي ھٽڻو پيو ان جو به حساب ڪونهي ۽ ڪنهن ڪنهن جي ڪاڻ ڪڍي کين ھٿ جوڙي ڪرڻي پيئي، ان جو به انت ڪونهي. سڀ کان پهريائين ته نواز شريف جيڪو ھڪڙي پير تي بيٺو ھو ته ووٽ کي عزت ڏئي ھائبرڊ نظام جي تڏا ويڙھه ڪري فوري طور تي غير جانبدارانه چونڊون ڪرائي اقتدار عوام جي اصل نمائندن حوالي ڪيو وڃي ڇو ته پي ٽي آئي حڪومت ناجائز چونڊن ۾ انجنيئرنگ ذريعي اقتدار ۾ آندي ويئي آھي پر ھاڻي ھو صاحب به عدم اعتماد جي تحريڪ آڻڻ تي راضي ٿيو آھي ته سندس جماعت جا اندروني اختلاف به گهٽجي ويل لڳن ٿا. ان کان پوءِ پي ڊي ايم  ۾ گھوٽالي پوڻ کان پوءِ مولانا صاحب ۽ شاھد خاقان عباسي جهڙا قداور اڳواڻ پي پي پي سان  کلي نفرت جو اظھار ڪري معاملا گهڻو اڳتي پهچائي ڇڏيا ھئا.

ان ڀڙڪايل باھه جو سيڪ آصف زرداري،بلاول ڀٽو، مريم نواز ۽ اقبال احسن جي بيانن مان به محسوس ٿيڻ لڳو. ھاڻي سڀني اڳواڻن کي ايترو ھيٺ اچڻو پيو آھي جو زرداري صاحبان ھلي وڃي شريفن جي ماني تي مهمان ٿيا ۽ موٽ ۾ شھباز شريف پارٽي اڳواڻن سان گڏ وڃي بلاول ھائوس پهتو جتي تازي پرتل مولانا فضل الرحمان جو فرزند ۽ جماعت جو وفد به ڀڄي وڃي ڀيڙو ٿيو. ان کان اڳ گذريل ڏينهن مولانا ۽ زرداري صاحبان پنهنجي پراڻي دوستي جي تجديد ھڪ ملاقات ۾ ڪري چڪا ھئا. تڪڙ ايتري گهڻي آھي جو وري اربعا ڏينهن آصف زرداري، شھباز شريف ۽ مولانا صاحب حڪمت عملي کي آخري شڪل ڏيڻ لاءِ ملاقات ڪئي جنهن ۾  وڏو ميان صاحب به وڊيو لنڪ تي موجود ھو.  ان ملاقات ۾ تقريبن طي ٿي چڪو آھي ته پهريائين تحريڪ خانصاحب ۽ ان کان پوءِ اسپيڪر ۽ وسيم اڪرم پلس خلاف آندي ويندي. شھباز شريف عبوري دؤر لاءِ وزير اعظم ۽ پرويز الاھي کي وزير اعليٰ بنائڻ جي تجويز آئي آھي پر ن ليگ کي ان تي ڪجھه تحفظات پڻ آھن.

اربعا  ڏينهن جي ملاقاتن موسم وارو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو جڏھن ساڳئي ڏينهن مولانا صاحب چوڌري برادران وٽ وري ٻئي دفعي گهر پهچي ويو ۽ چوڌري پرويز الاھي وفد سوڌو وڃي زرداري صاحب وٽ پهتو.  پي پي ۽ اي اين پي ته اڳ ئي پاڻ ۾ تعاون جاري رکيو اچن اھي پارٽيون ھڪ کان وڌيڪ دفعا پاڻ ۾ ان معاملي تي به ملي چڪا آھن.  جماعت اسلامي بچيل ھئي سو خميس ڏينهن زرداري صاحب سراج الحق جي سار لهڻ لاءِ منصوره جو منهن ڪري ملاقات ڪئي. ھن دفعي اپوزيشن جي حڪمت عملي جي ھڪ خاص خاصيت حد کان وڌيڪ رازداري رکڻ آھي، اصل حقيقت ته ڇا ڪرڻوآھي ان جي خبر صرف چئن چڱن کي ھئي پر ھاڻي جڏھن معاملا پختا ٿيڻ لڳا آھن ته راز کلڻ لڳا آھن.

اھو احوال ته ٿيو خود اپوزيشن جي اختلافن ۽ اوچتي قربت جو ،پر اصل يو ٽرن ته ڪٽر مخالفن سان تڪڙين ملاقاتن جي طوفان جو آھي. وڏي زرداري صاحب جو ته خير آھي ڇاڪاڻ ته موصوف مصالحت جو بادشاھه ۽ بقول خواجه آصف جي سياست ۾ پي ايڇ ڊي آھي پر مئٽرڪ ۽ انٽرپاس وارن به ڪونه گهٽايو آھي، جيئن ئي زرداري صاحب قاف ليگ سان ملي موٽيو ته شھباز شريف ۽ مولانا صاحب ته مليا پر ايم ڪيو ايم وارا به سفر جو سانباھو ڪري چوڌرين سان چؤياري نڀائي ن ليگ ۽ اي اين پي وارن وٽان به ان خدشي تحت ڀيرو ڀڄندا آيا ته متان چوڌري پرويز الاھي جي ٻڌايل ديڳ پچي راس ٿي ويئي ھجي ۽ ھميشه اقتدار مان جثي کان وڌيڪ حصو ڦٻندڙ اقتداري ڌڙو ڪٿي محروم نه رھجي وڃي! ظاھر ۾ عمران خان ھٿان کنڊ جا جهاز ٻوڙائيندڙ بادشاھه گر جهانگير ترين، جيڪو ان سڄي راند ۾ ھاڻي تائين بائونڊري لائين تي تماشائي ٿي بيٺو رھيو ان بابت پردي پٺيان اپوزيشن جي ٽنهي اھم جماعتن جي رابطن جون خبرون اچڻ لڳيون جيڪي ھروڀرو ايتريون ڳجهيون به ڪونه ھيون، تنهن بعد ترين صاحب جي گروپ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اھو چيو ويو ته گروپ جي اڪثريت مستقبل جي ضمانت تي ن ليگ ۾ وڃڻ جي حق ۾ آھي ۽ آخري فيصلو گروپ ليڊر ڪندو.

مبصرن جو خيال آھي ته قاف ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جو پي ٽي آئي سان اتحاد زوريجو نڪاح آھي ۽ ساڳئي اشاري ملڻ سان طلاق يقيني آھي. ساڳي فريڪيونسي تان سگنل جي ضرورت جهانگير خان ترين کي به پوندي. اقتدار جي ايوانن ۾ ايتري ھلچل آڻڻ لاءِ باپ پارٽي کي وسارڻ جي جرئت ته ڪو نافرمان ئي ڪري سگهي ٿوجنهن جي طاقت جي علامت سينيٽ چيئرمين آھي جيڪو اقليت جي باوجود اڪثريت کي منهن ڏيو ويٺو آھي ۽ اھو صرف سندس دلڪش مسڪراھٽ سان ته ممڪن ڪونهي. مخالف ڌر جو ايترو اڳتي وڌي وڃڻ جيڪڏھن بي سبب نه آھي ته پوءِ زرداري کان نواز شريف، مريم نواز ۽ پوءِ مولانا تائين سڀني طرفان ھڪ ٻولي ڳالھائڻ جو سبب پڪ سان ڪا پڪي يقين دھاني ھجڻ گھرجي جيڪا گهٽ ۾ گھٽ ايتري ضرور ھجڻ گھرجي ته ايندڙ چونڊن ۾ ڪا آر ٽي ايس مشين خراب نه ٿيندي. اھو آسرو وٺڻ لاءِ به ڪجھه ڏي وٺ ضرور ڪرڻي پئي ھوندي يعني وک وک تي سوديبازي، ھر ھڪ سان ڪمپرومائيز!!ھائي ڙي ويچاري اصولي سياست ۽ ووٽ ڪو عزت دو.

مخالف ڌر عدم اعتماد جي رٿ جي ڪاميابي لاءِ پر اعتماد ان ڀروسي تي آھي ته ھنن جا پنهنجا ووٽ نه ٽٽندا، جهانگير ترين گروپ ڊيفيڪشن قانون جي باوجود ووٽ ان آسري تي ڏيندو ته ايندڙ چونڊن ۾ کين ٻئي وڏيون پارٽيون سهولت مطابق ٽڪيٽ ڏينديون ۽ خود پارٽي جا ناراض ميمبر به ٽڪيٽ جي آسري اھي سڀ رسڪ کڻڻ لاءِ تيار ھوندا. بهترين حڪمت عملي ته ان طرح جي جوڙڻ جي ڪوشش آھي ته قاف ليگ، ايم ڪيو ايم ۽ باپ پارٽي به حڪمران اتحاد کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪن. حڪومت به ايترو دٻاءَ ۾ اچي وئي آھي جو وزير اطلاعات ھارس ٽريڊنگ جا الزام لڳائي رھيو آھي ۽ سدائين دڙڪن جي زبان استعمال ڪندڙ شيخ رشيد به پي ٽي آئي کي جهانگير ترين جي ڊيري تي وڃڻ جي صلاح ڏني آھي ۽ سرچاءَ لاءِ ٻه وزير نامزد ٿي ويا آھن.

قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سينيٽ چيئرمين جي چيمبر ۾ پهچي ساڳيا سور سليا ھوندا.  ٻئي پاسي مؤنس الاھي جي وزير اعظم سامهون ساٿ نڀائڻ واري غير مهذب ڊاڙ، اسپيڪر اسد قيصر جي ساڻس فون تي رابطي ڪرڻ کان پوءِ سامهون آيل ڳالهيون ۽ ايم ڪيو ايم جي ھميشه وانگر ڳري قيمت ڀرڻ جي خدشي سبب ڪجھه بد مزگي ضرور پيدا ٿي ھوندي. اصل ۾ اپوزيشن عدم اعتماد کي حڪومت خلاف قومي سطح جي بيزاري۽ اتفاقِ راءِ جي روپ ۾ آڻڻ چاھي ٿي نه ته قومي اسيمبلي ۾ ته انهن پارٽين کي نظرانداز ڪري به گهربل تعداد پورو ٿي وڃڻ جي اميد ڪئي پئي وڃي پوءِ به پنجاب جي وزير اعليٰ خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ لاءِ چوڌري حضرات کي ٻيڙي ۾ سوار ڪرڻ ضروري سمجهيو پيو وڃي.  تجزيه ڪارن جو اھو به خيال آھي جيڪڏھن بي اعتمادي جي رٿ جي منظوري جو يقين  اچڻ لڳو ته قاف ليگ ۽ ايم ڪيو ايم پارا پاڻھي گاڏي ۾ سوار ٿي ويندا. جي ڊي اي به ساڳئي قبيلي جو اتحاد آھي پر ھن دفعي گهڻو گاھه ڪنهن به نه وڌو اٿس، شايد زرداري اينڊ ڪمپني آخر ۾ کين به اشارو ڪري.

انهي صورتحال ۾ جڏھن ته ايئن محسوس ٿيڻ لڳو آھي ته عدم اعتماد پيش ڪرڻ جي سڄي تياري مڪمل ٿي  ويئي آھي ۽ ان جو اعلان به پي پي پي جي لانگ مارچ وارن آخري ڏينهن ۾ مارچ جي پهرئين ھفتي دؤران يا ٿورو پوءِ ڪنهن به وقت ڪيو ويندو. ان طرح جي اڳڪٿي ان ڪري اعتبار ڪرڻ ۾ اچي پئي ته پي پي پي جي مارچ جي حمايت ۽ آجيان ڪرڻ جو اعلان پي ڊي ايم طرفان مولانا صاحب ۽ ن ليگ وارن به ڪيو آھي. سندن ٽائيم لائين مطابق ٿي سگهي ٿو ته خود پي ڊي ايم جي اعلانيل مارچ واري مارچ  کان اڳ ئي حڪومت جو ڪُئيڪ مارچ ٿي وڃي  ڇاڪاڻ ته ڪاميابي جي سڀ اميد به ڪريو ويٺا آھن. ڪاميابي جي صورت ۾ مؤجوده اپوزيشن لاءِ بهترين رستو جلد کان جلد عام چونڊون ڪرائڻ ئي  ھوندو ڇو ته باقي رھيل ڏيڍ سال تائين حڪومت ۾ رھڻ سان عمراني حڪومت جي خراب ڪارڪردگي ۾ حصيدار بنجي نوان حڪمران به لڙھي ويندا. ن ليگ سختي سان ان موقف جي حامي آھي ان ڪري پ پ پ سان ھن مرحلي تي جيڪڏھن ڪو اختلاف ٿيو ته ان جو ڪارڻ اھو ئي ھوندو. جمعي جي ڏينهن اھا خبر سامهون آئي ته قاف ليگ حمايت جي بدلي پنجاب جي وزارت اعليٰ جي عهدي ۽ اسيمبلين جي باقي مدت پوري ڪرڻ جو شرط رکيو آھي.

ٻئي پاسي لڳي ٿو ته حڪومت جي ھن دفعي ان حد تائين ڦٽل آھي جو خان صاحب 23 سالن کان پوءِ طئي ٿيل تمام اھم  روسي دوري( ورڪنگ وزٽ ) لاءِ جيئن ئي اّتي پير پاتو ته روس يوڪرين جي  ڊونباس  واري بغاوت ڪندڙ علائقن ۽ مغربي مداخلت کي بهانو بنائي خود يوڪرين تي حملو ڪري ڇڏيو. اھو دؤرو اڳ ۾ ئي مشڪل ۾ ھو پر مؤجوده عالمي تناظر ۾ ھيڪاري ھاڃيڪار نظر اچڻ لڳو. ان ھوندي به ڪجھه سڄاڻ حلقا ان عدم  اعتماد جي تحريڪ جي پيش ڪرڻ کي ئي اپوزيشن لاءِ فائدي کان وڌيڪ نقصان ڪار سمجهن ٿا. انهن حلقن جو خيال آھي ته غلط حڪمراني ، پيڪا ۽ اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم   جهڙا  يڪ طرفا آمراڻا آرڊيننس، معيشت جي بدحالي، بي قابو مهانگائي ، عمومي نفرت ، خراب ترين حڪمراني،   حاڪمن جي احمقاڻين تقريرن/ پاليسي بيانن ۽ غلط قدمن سبب ھن حڪومت کان بهترين انتقام وٺڻ جو ڪم کانئن حڪومت جا پنج سال زوري پورا ڪرائي وٺي سگهجي ٿو،ڇو ته پنجن سالن کان پوءِ غير مقبوليت سبب شايد ئي  کين ووٽ  ملن ۽ پاڻي جي ڦوٽي وانگر ڦاٽي پنهنجي انجام کي پهچي ويندا. پر ان ۾ خدشا به ڪافي آھن. مثال طور ايتري واويلا کان پوءِ تحريڪ نه اچڻ سان حڪومت جو من وڌي ويندو ۽ نومبر مهيني تائين طاقتور ادارن ۾ پنهنجي پسند جون مقرريون ڪرڻ، اليڪٽرانڪ ۽ اوورسيز ووٽنگ بابت قانونسازي تي عمل ڪرڻ توڙي مخالف ڌر جي مک اڳواڻن کي جيلن ۾ وجهڻ  ۽ اپوزيشن ۾ وري اختلاف اڀري اچڻ سان ٻيا پنج سال به پي ٽي آئي پنهنجي نالي  ڪري سگهي ٿي.

بندي جي من ۾ ھڪڙي ته ٻي جا ڪري الله جي مصداق،  سڀني تيارين ۽ اوچي اعتماد جي باوجود اھا بي اعتمادي جي رٿ جيڪڏھن ناڪام ٿي ته مخالف ڌر ڪٿي جي به ڪانه رھندي ڇو ته ھنن پنهنجي ساک ۽ مستقبل داءُتي لڳائي وڏي سياسي جوا کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ان ڪري وٽن ناڪامي جو آپشن ڪونهي. ان جي باوجود ھر راند ۾ شڪست يا فتح ته ٿيڻي آھي. ساڳيو اصول ھتي به لاڳو ٿيندو. تنهن ڪري صرف ايترو چئي سگهجي ٿو ته عدم اعتماد جي رٿ جو اچڻ اڻٽر آھي پر ان جا نتيجا تمام گهرا ۽ ديرپا  ٿيندا. ڏسون ته اٺ ڪهڙي پاسي ٿو ڪَرَ کوڙي.