ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اطلاعات واري اڳوڻي وفاقي وزير مرحوم قاضي عبدالمجيد عابد جو وڏو فرزند قاضي افضل عابد دل جو دورو پوڻ سبب ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو ، سندس جنازي نماز اڄ اربع  3 جولاءِ  تي عصر جي نماز کانپوءِ سڪينه سلطان مسجد، خيابان شاهين دي پليس ويجھو ادا ڪئي ويندي، جنهن بعد مرحوم کي ڊفينس فيز 8 جي قبرستان ۾  مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو. هوڏانهن اي پي اين ايس جي صدر ناز فرين سهگل لاکاڻي ۽ جنرل سيڪريٽري سرمد علي روزاني عبرت حيدرآباد جي چيف ايڊيٽر قاضي اسد عابد سان سندس وڏي ڀاءُ قاضي افضل عابد جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي ڏکويل ڪٽنب سان تعزيت ڪئي آهي.