اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي 43 هين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي

0
274

نئون ديرو (ن پ ا)  پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 43 هين ورسي انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي

پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان شهيد ڀٽو جي ورسي رمضان المبارڪ جي مهيني سبب ورسي جي مک تقريب ملتوي ڪري ضلعي هيڊ ڪواٽرن ۾ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو

پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي لاڙڪاڻو طرفان ورسي جي تقريب ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ننڍڙي تقريب رکي وئي آهي

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ رات ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري گل نڇاور ڪرڻ بعد فاتح خواني ڪري دعا گهرندو ۽ پ پ لاڙڪاڻو طرفان رٿيل ورسي تقريب ۾ آيل ڪارڪنن کي مختصر خطاب پڻ ڪندو

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي شرڪت ڪرڻ سبب مزار طرف ويندڙ روڊن جي سيڪيورٽي انتهائي سخت ڪئي وئي آهي جڏهن مزار اندر داخل ٿيڻ لاءِ 4 واڪ ٿرو گيٽس پڻ لڳايا ويا آهن جتان مزار تي ايندڙن جيالن کان جهڙتي وٺڻ بعد کين اندر ڇڏيو ويندو

پاڪستان پيپلز پارٽي (شهيد ڀٽو) طرفان پڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي مک تقريب ملتوي ڪري المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻو ۾ قرآن خواني ڪرائي وئي آهي