اڳتي وڌو ان کان اڳ جو پوئتي ڌڪيا وڃو

0
33
اڳتي وڌو ان کان اڳ جو پوئتي ڌڪيا وڃو

ھن وقت مون کي ٻه ڏھاڪا اڳ رليز ٿيل ڀارتي فلم “چميلي” پئي ياد اچي، جنھن ۾ چميلي نالي وئيشا، جنھن جو ڪردار ڪرينه ڪپور واھ جو نڀايو آھي، سا شديد بارش ۾ ڦاٿل فلم جي مک ڪردار امن ڪپور  جي ٿڌي رويي ۽ سنجيدہ طبيعت کي ڏسندي پڇيس ٿي: “پنجابي آھين؟” ته ھن چيو: “ها، پر تو ڪيئن سڃاتو؟” تنھن تي چميليءَ چيس: “ائين ئي، لڳين جو پنجابين جھڙو ٿو”. تنھن مھل مونکي ڪنھن به قسم جي حيرت نه ٿي ھئي، ڇو ته مجموعي طور تي ڀارت ۾ پنجابي، جن جي گهڻائي سِکن تي مشتمل آھي، اھي پنھنجن ڪمن ۾ ڀڙ ۽ ھزارين لطيفن، ٽوڪن لڳندي به پنھنجي ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ گم لڳا پيا ھوندا آھن ۽ جيڪڏھن اوھان پاڻ ھتي پنھنجي ملڪ ۾ به ڏسندا ته ساڳي روش ھتي جي پنجابين ۾ به اوھان کي ملندي. ھتي مان بغير ڪنهن وڌاءَ جي پيو  چوان ته ھتي جا پنجابي پڻ پنھنجي ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ چڱا خاصا ڀڙ آھن. ھا سندن ھڪ مخصوص لڏو ضرور آھي، جنھن اصلوڪي اقتداري ڪرسين تي ويھي، پوري ملڪ جي ماڻهن جي نڪ ۾ دم ڪري رکيو آهي. بھرحال مان عام پنجابين جي ڳالهه پيو ڪريان ته جن جي گهڻائي ھارپي کان ويندي، ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ غضب جي ماھر آھي، ڀلي اسان ھزار دليل ڏيون پر اها شئي اسان ۾ نه ھجڻ برابر آھي.

انگريزي ٻوليءَ جي بزنس مينيجمينٽ ۾ ھڪ لفظ ايندو آھي “انٽرپنيورشپ”، جنھن کي مان تُز سنڌي معنيٰ ڏيان ته ان کي “نجي ڪاروباريت” چئي سگهجي ٿو، جنھن ۾ رٿابنديءَ کان ويندي مارڪيٽ تائين بھتر پھچ، خريداري، ڏيٺ وائٺ، ڏيتي ليتي، وغيرہ جو ڪُل ڪار وھنوار، ان ڪاروبار ڪندڙ جي ھٿ ۾ ھوندو آھي. ائين کڻي چئجي تہ ھو پنھنجي ڪاروبار ۾ پاڻ بادشاھ ھوندو آھي، ته ان ڪاروباريت تي مڙيوئي هڪ نظر وجهون ته اسان سنڌي صفا پوئتي آھيون. اسان جي لوڪ دانش ۾ اھي پھاڪا ته “ليکو آ چوکو، چوکو آ پريت” يا وري “ٻه ڀائر، ٽيون آھي ليکو” مڙيوئي ھاڻي وڃي چوڻ جون ڳالهيون رهيون آھن. ھروڀرو جو اصطلاح “زبان جو پڪو” اڄ ڪلهه جي ڪارپوريٽ دنيا ۾ بيڪار ترين جملو آھي، جنھن ۾ غير يقيني صورتحال موجود آھي، ۽ خراب ڳالهه اھا آھي ته ان غير يقيني صورتحال ئي اسان کي نھوڙي وڌو آھي. پر ٻئي پاسي جيڪڏھن اوھان ڏسندا ته پنجاب ۾ ان سلسلي ۾ غضب جو ڪاروباري ذھن ملندو، انهن وٽ ڪاروبار ڪرڻ جي نفسيات پڪي ۽ پختي ٿئي ٿي. ھنن ڪاروبار ۾ روايتي غيرتن جا تصور پرتي ڪري ٻنهي جنسن (مرد ۽ عورت) کي شامل ڪري سچ ته عملي طور تي جيترو به ممڪن ٿي سگهيو آھي، عورتن کي پنھنجي ڪلهي بيھاريو آھي.

مان ھتي ڪجهه مثال ڏيان ته اوھان سمجهي ويندا ته ڪاروباريت وارو ذھن اسان ۽ ھنن وٽ ڪھڙي درجي تي ملي ٿو. ھڪ ته اوھان ڪراچيءَ کان لاھور ڊائيوو بس تي سفر ڪريو. اوھان ڏسندا ته حيدرآباد، مورو، سکر ۽ ميرپور ماٿيلو وٽ انهن جي طئي ڪيل اڏن تي اوھان کي ڪھڙي سروس ملي ٿي؟ ھوٽل جي مالڪن جي آڪڙ، اجائي ڦوشربازي ۾ اڳتي، پر سروس کان صفا آڱوٺو، پر جيئن ئي اوھان رحيم يار خان اڏي تي بيھندا ته خبر پوندي جھڙوڪ اوھان ڪنھن يورپ جي عاليشان هوٽل تي پھتا آھيو. زبردست قسم جو ھوٽل، جنھن ۾ صفائي سٿرائي، ايئرڪنڊيشنڊ ماحول ۽ صحت جي قدرن جو خيال رکندڙ ٿانوَ وغيرہ ملندا. خدمت چاڪريءَ تي مقرر اوھان کي ھوٽل ۾ سھڻيون سيبتيون ڇوڪريون “جي سر، ييس سر” ڪندي پيون آڏو ڦرنديون. گراھڪ کي ڪجهه نه به وٺڻو ھوندو پر ماحول ۽ سروس ڏسي ڪجهه نه ڪجهه خريد ڪرڻو ئي پوندو. ٻيو ته اسان جي وري انٽر سٽي سروس، (صرف نالي ۾ ايئرڪنڊيشنڊ) ويگنن يا ڪوچن ۾ سکر کان ڪراچي يا ڪراچيءَ کان لاڙڪاڻي وڃي ڏسو، طئي ڪيل اسٽاپن تي ھوٽلن جو معيار ڏسو، پر ان کان وڌيڪ سروس تي ٿوري نظر ته وجهو! تازو منھنجو ڀاءُ خيرپور کان حيدرآباد “اي ڪي سي” ويگن ۾ اچي رهيو ھئو، ته اھا مقرر اسٽاپ يعني نيو سعيد آباد جي ھڪ ھوٽل تي بيٺي، اتي ھُن چانھن پيتي، جڏهن پئسا مينيجر کي ڏيڻ ويو ته کيسي ۾ کليل پئسا نه ھجڻ جي ڪري ھوٽل جي مينيجر کي پنج سئو رپين جو نوٽ ڏنو، ته ھمراھ تُنديءَ ۾ چيس ته، “کليا پئسا ڏيو”. ھُن کيس ٻٽون ڏيکاريندي چيو ته، “بابا کليل ھجن ھا ته مان پاڻمرادو اھي اوھان کي ڏيان ھا”. تنھن تي مينيجر صاحب تپي ويس ۽ چيس ته: “پيتي ته ڇڙي چانھن اٿوَ، ان تي پنج سئو رپيا ٿا کلايو!” تنھن تي ھُو ڪُڇي ته ڇا ڪُڇي؟ خير کيس فضيلت سان اوقات ڏيکاريندي (ڇڙٻيندي) جڏهن دٻ پٽيائين، تڏهن وڃي ان ھوٽل جي مينيجر سندي ڪرڪر بند ڪئي.

ٽيون اوھان ڪاڇي کان ڪشمور، يا ڪراچي کان رحيم يار خان تائين ڪار ۾ وڃي ڏسو… اتفاق سان جيڪڏھن گاڏيءَ ۾ ڪو نقص ٿي پوي ته مستري ڳولهيو! اوھان ڇا ٿا سمجهو ته اوھان کي مستري ھتان جا ملندا؟ نه. ڪو ھيڪڙ ٻيڪڙ ملندو به ته ڪم جڳاڙ ۾ ڪڍڻ جو ماھر، نه ته اوھان کي سڀ مستري پنجابي ملندا، ڇو؟ اھو انڪري ته اھي ماھر آھن. اوھان مارڪيٽ ۾ ڏسو، ھڪ پاسي بوٽ پالش ڪرڻ وارو پٺاڻ ويٺو ھجي ۽ ٻئي پاسي اسان جو ڪو سنڌي ويٺو ھجي ته گراھڪن جي رش ڏسجو، اوھان ڏسندا ته پٺاڻ وٽ جام بوٽ پيا ھوندا پر اسان جو سنڌي سٻاجهڙو پيو مکيون ماريندو، سبب؟ ته پٺاڻ بھترين ڪم ڪن ٿا. چوٿون ته اوھان روڊ سائيڊ تي ڏسو، زمينون سنڌين جون، ھوٽلون ٺھرائيندڙ سنڌي پر اھي سڀ جو سڀ ھوٽلون اوھان کي لائلپوري، ايبٽ آبادي ۽ مروتي پنجابي ۽ پٺاڻ ئي ھلائيندڙ ملندا. اسان جا سنڌي انهن کي ھوٽل ڪجهه ھزارن ۾ ٺيڪي تي ڏئي پاڻ ويٺا مڇون مروڙيندي خوشيءَ ۾ پوزبازيون ڪندا ملندا. ائين ڀلا ڇو؟ چتائي ڏسو ته سمجهندئو ته کين ھوٽل مينيجمينٽ بلڪل نه ٿي اچي. ته ڇا انهن سڀني ڪمين ڪوتاھين کي اسان نام نھاد غلاميءَ جو سبب ڄاڻائي ماٺ ڪري وڃئون؟ آھي ڪا ھتي اھڙي آرگنائيزيشن يا ادارا جيڪي اسڪل ڊولپمينٽ تي سچ ۾ ڪم ڪري سنڌي ماڻهن کي ڪاروباري دنيا سان روشناس ڪرائين؟ آھي ڪنھن سنڌي ماڻهوءَ ۾ اھڙو لڇڻ، جيڪو ھتي پاڻ سان گڏ ٻين کي اڳتي ڪرڻ ۾ فرينچائيزڊ ڌنڌن ۾ شامل ڪري؟ باقي منھنجا ساٿيو! ھروڀرو لٻاڙ بازي ڪنداسين ته اسان ۽ بيڪار قسم جي تهذيبي نرگسيت جي شڪار ماڻهن ۾ ڪوبه فرق نه رهندو. ان تي ڪا رٿا بندي ڪرايو دوستو! ھتي مان ھر دڳ ۽ ھر مڪان تي جيڪا کوٽ ڏسي رھيو آھيان ته اسان وٽ پروفيشنلزم جي جڳھ تي ڄنڊاپٽ، “پُڄي آءٌ نه سگهان پر لعنت گوڏن تي”، ٿوري کان گهڻي اوڻائيءَ جو سبب وڃي “صدين جي غلامي” تي ھڻنداسين ته ضرور پر سندي ڪلاسيڪل رھنمائن ۽ قديم دورن کان ويدن جي مطالعي کان گهڻو وٿيرڪا اسان ماڻهو ھاڻي گهڻو لٻاڙي ٿي ويا آھيون. ھاڻي اسان چوويھ ڪلاڪ “لطيف لطيف” ته ضرور ڪندا آھيون، لطيف جي بيتن کي بر زبان ته پيا ھر ھنڌ رعب ويهارڻ لاءِ ورجائيندا آھيون پر ڪاپائتي، سري راڳ، سامونڊي، کاھوڙي وغيرہ سرن کي پڙھڻ سان گڏ ڪڏھن ڪجهه “ڪيو” به آھي ڪِي نه؟ ڇو ته گهٽ ۾ گهٽ پاڻ ته پوري دنيا جي ھن ڪاروبار مان ھڪ شئي ضرور سکي آھي ته سچ چوڻ کان وڌيڪ “ڪرڻ” جو نالو آھي، نه ته ويٺا ھونداسين سپورٽ پروگرامن ۾ ملندڙ خيراتن جي قطارن ۾!

[email protected]