اڪ دو تين گانو ڏسڻ لاءِ برقعو پائي سئنيما وئي هيس: ماڌوري

0
159

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ماڌوري ڊڪشٽ تازو ئي انڪشاف ڪيو آهي ته هوءَ سپر هٽ گانا ’اڪ دو تين‘ ڏسڻ لاءِ ٿيٽر ۾ برقع پائي وئي هئي. ماڌوري ڊڪشٽ پنهنجي نئين سيريز ”دي فيم گيم“ جي پروموشن لاءِ مشهور ڀارتي ڪاميڊي شو دي ڪپل شرما شو جي مهمان هئي، هن سان گڏ اداڪار سنجي ڪپور به هو، جيڪو هن سيريز ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو

  اداڪارا چيو ته جڏهن اڪ دو تين گانا رليز ٿيو ۽ ٿيٽر تي هليو ته سڀني مون کي چيو ته هي گانو سپر هٽ آهي ۽ تمام گهڻو مشهور ٿي رهيو آهي ان کي ٿيٽر ۾ وڏي اسڪرين تي ڏسڻ ۾ وڌيڪ مزو ايندو آهي، ان ڪري مون فيصلو ڪيو. ته مان به ٿيٽر وڃي اهو گانو ڏسي اچان. ماڌوري چيو ته مان به پنهنجي سڃاڻپ لڪائڻ دوران برقعو پائي ٿيٽر پهچي ويس، جيئن ئي گانو شروع ٿيو ته اسان اڳيان قطار ۾ ويٺا هئاسين ۽ پويان ماڻهن اسڪرين طرف سڪا اڇلائڻ شروع ڪيا جيڪي اسان تي ڪري رهيا هئا.