اڪري چودڳي (ن پ ا) سنڌ جي مشهور صوفي بزرگ ۽ شاعر فقير خوش خير محمد هيسباڻي جي ورسي سندس اباڻي ڳوٺ درگاھ خوش خيرمحمد هيسباڻي ۾ صوفياڻي رنگ سان ملهائي وئي، گادي نشين فقير ذاڪر هيسباڻي مزار تي چادر چاڙهڻ ۽ ميندي جي رسم دوران صوفي فنڪارن جي سنگ سان گڏ حاضري ڀري، ورسي پروگرام ۾ سموري سنڌ مان مريدن، عقيدتمندن ۽ صوفي ازم جي پيروڪارن گيڙو ويس پهري شرڪت ڪئي، جڏهن ته صوفي فنڪارن سلامت سهراب، نزاڪت سهراب، غني سولنگي، همراز فقير، برڪت مگسي، فقير واحد بخش ٻانڀڻ ۽ ٻين صوفياڻو راڳ پيش ڪيو، محفل سماع سڄي رات جاري رهي.