اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري ۽ ڀرپاسي ڪاٽن فيڪٽرين جي گدلاڻ رهواسين جو ساهه ٻوساٽي ڇڏيو. فيڪٽرين ۾ فلٽريشن پلانٽ نصب نه ڪرڻ خلاف برابري پارٽي پاڪستان جي  عهديدارن، ڪارڪنن اختيار احمد سومرو، محبوب شاھ بخاري، عبدالنبي ابڙو، عبدالڪريم شر، گلزار احمد شر ۽ منير احمد شر پريس ڪلب اڪري پهچي پريس ڪانفرنس ڪرڻ بعد احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي برابري پارٽي سکر زون جي اڳواڻ اختيار احمد سومرو  ڳالهائيندي چيو ته سرمائيدارن جي هٺ ڌرمي سبب فيڪٽرين ۾ فلٽريشن پلانٽ نه هجڻ سبب ڳوٺاڻا عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهن. فيڪٽرين جي زهريلي دز سبب علائقي واسي مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي سخت تڪليفن کي منهن ڏيئي رهيا آهن. هن مطالبو ڪيو ته ڪاٽن فيڪٽريون شهر ۽ انساني آباديءَ کان ٻاهر منتقل ڪيون وڃن. هنن سنڌ حڪومت جي ماحوليات کاتي ۽ ڊي سي خيرپور جو ڌيان ڇڪائيندي اهو به مطالبو ڪيو ته فلٽريشن پلانٽ نصب نه ڪرائيندڙ فيڪٽرين کي فوري طور تي سيل ڪيو وڃي ۽ مسقبل ۾ شهر اندر فيڪٽرين ٺاهڻ جا لائنس فلٽر پلانٽ لڳرائڻ سان مشروط ڪيا وڃن ته جيئن انساني زندگيون زهريلي گدلاڻ  کان محفوظ رهي سگهن.