اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري چودڳيءَ ڀرسان آر ڊي 50 وٽان فيض گنج واھ کي لڳل گهارو ستن ڏينهن بعد 16/ ڪلاڪ جي لڳاتار ڪوشش بعد نيٺ ٻڌجي ويو. واھ کي لڳل گهارو بند ڪرڻ لاءِ متاثرن پاران صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ جي گاڏي جو گهيراءُ ڪرڻ بعد ايس ايس پي خيرپور جي واعدي مطابق هڪ ڪرين مشين ۽ پ پ پ اڳواڻ شيراز شوڪت راڄپر پڻ ڪرين مشين ۽ روڪ رقم فراهم ڪئي. گهاري ٻڌجڻ بعد متاثرن سک جو ساهه کنيو. گهاري سبب 50 کان وڌيڪ ڳوٺ متاثر ٿيڻ ۽ 300 گهر ڪِري پَٽ پوڻ سميت 15 هزار کان وڌيڪ رهواسي متاثر ٿيا. ڳوٺاڻن گهاري سبب ٿيل نقصان جي ازالي جو مطالبو ڪيو آهي.