اک الٽي ڌار . .

0
20
اک الٽي ڌار . .

 ڪنهن کي به ڪنهن جي سياست سان اختلاف ڪرڻ ھر ماڻھو جو جمھوري حق آھي. سياسي علمي ۽ ادبي اختلاف ھميشه ذھين ۽ ليجنڊ ماڻھن جو زيور ھوندا آھن۔ سياسي علمي ادبي اختلافن سان نواڻ اچي ٿي تحقيق جا نوان در کلن ٿا ۽ سياسي جدوجھدون پنھنجون صفون درست ڪري وڌيڪ اتساھ سان اڳتي وڌن ٿيون.

                 انھيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونھي ته جنگشاھي جي مردم خيز مٽي مان مھان شخص رسول بخش پليجي نه صرف جنم ورتو پر سنڌ جي منجمد سماج ۾ اٿل پٿل پيدا ڪري سياست کي نوان موڙ عطا ڪيا  آھن. پليجي صاحب جي سوچ فڪر ۽ سياسي عمل سنڌ جي سياست جي ڪايا پلٽ ڪري ڇڏي ھئي. رسول بخش پليجو دانشور اديب نقاد ۽ متحرڪ سياستدان ھو، جنھن پنھنجي عملي جدوجھد جا اڻ مٽ نشان ڇڏيا آھن. سائين جي ايم سيد کان پوءِ رسول بخش پليجو ئي آھي، جنھن نئين نسل کي سياسي اتساھ ڏنو آھي، جدوجھد جون نيون منزلون ڏنيون آھن. رسول بخش پليجي جي دور انديش نظر انھيءَ حقيقت کي سمجھي چڪي ھئي ته عورتن جي انقلابي جدوجھد کان سواءِ سياسي توڙي سماجي نجات ناممڪن آھي. ھن سنڌياڻين کي انقلابي جدوجھد ۾ ھراول دستي طور متعارف ڪرايو. کين احساس محرومي ۽ احساس ڪمتري جي ڌٻڻ مان ڪڍي ڳاٽ اوچو ڪري جيئڻ جا ڍنگ سيکاريا. رسول بخش پليجي جي محنت ۽ فڪر جي ڪاميابي جي نتيجي ۾ سنڌياڻي تحريڪ ملڪي، بين الاقوامي سطح تي پنھڻجو ناماچار پيدا ڪيو آھي. اھا رسول بخش پليجي جي تربيت ئي آھي، جنھن سنڌياڻين جي اکين ۾ اھڙي چمڪ پيدا ڪئي آھي، جيڪا ڏاڍن جي قھري ڪوٽن ۾ ڏار وجھي رھي آھي ۽ ڪابه سياسي جدوجھد سنڌياڻين جي شموليت کان سواءِ اڻپوري آھي.

آئون ڪنھن سياسي پارٽي جو باقائده رڪن نه رھيو آھيان پر ايترو ضرور اعتراف ڪندس ته منھنجي سوچ ۽ سمجھ تي پليجو ضرور حاوي رھيو آھي. ماھوار تحريڪ رسالي ستر واري ڏھاڪي ۾ مونکي لکڻ پڙھڻ لاءِ اتساه ڏنو ۽ منھنجي پھرين ڪھاڻي “ھاءِ ھاءِ پکا پراڻا” جي عنوان سان تحريڪ ۾ شايع ٿي ھئي. 1988 ۾ جڏھن ڪراچي جون حالتون خطرناڪ رخ اختيار ڪري چڪيون ھيون، تڏھن ڪراچي جي حساس علائقن ۾ رھندي به سنڌ جي قومي اشوز تي مختلف سنڌ پرست سياسي ڌرين جي جلسن ۽ پيدل مارچ ۾ شريڪ ٿيندا ھئاسين، خاص ڪري “سنڌ قومي اتحاد” ۽ “سنڌي عوام جي قومي اتحاد” جي پيدل مارچ ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي سين. ڪراچي يونيورسٽي ۾ پڙھڻ دوران سياسي نظرياتي دوستن خاص ڪري سنڌي شاگرد تحريڪ سان ويجھڙائپ پڻ رھي.1988 جو سال ھجي رسول بخش پليجي عوامي نيشل پارٽي جي پليٽ فارم تان قومي اسمبلي جي سيٽ ٺٽو- ھڪ تان پيپلز پارٽي جي بابو غلام حسين ميمڻ جي مقابلي ۾ فارم ڀرايو ھو. تنھن وقت ڳوٺ اسحاق کوه لڳ جنگشاھي جا دوست علي مراد جوکيو ۽ عبدالسلام جوکيو پليجي صاحب جا سرگرم ڪارڪن ھئا، جن سان گڏجي ڪوھستان جي مشھور ڳوٺ مالماڙي ۾ پليجي صاحب جي ڪارنر گڏجاڻي لاءِ پروگرام رٿيوسين پر مسئلو پيدا ٿي پيو ھو ته مخالفن سادڙن ماڻھن جي سادگي جو فائدو وٺندي پليجي صاحب کي دھريو مشھور ڪري منفي پروپيگنڊه ڪئي ھئي. اھڙي وقت ۾ جڏھن ڳوٺ مان ھڪ به ووٽ جي اميد نه ھئي. آئون ۽ منھنجو سوٽ سکيو خان نئين حڪمت عملي سان ميدان ۾ لٿاسين ۽ عام ماڻھن سان مٿاڪٽ ڪرڻ بجاءِ اسين پنھنجي استاد جيد عالم مولانا عبيدالله سنڌي جي مڪتبهء فڪر سان لاڳاپيل عورتن جي تعليم جي حامي  روشن خيال شخصيت مولوي ضياءُ الدين جوکئي سان مشورو ڪيوسين. جنھن ڳوٺاڻن کي راضي ڪيو ته پليجي صاحب کي ٻڌڻ ۾ ڪو حرج ناھي، باقي ووٽ جنھن کي ڏيڻ چاھيو ٿا، ڀلي وڃي ڏيو. تاريخ مقرر ڪري پليجي صاحب کي اطلاع ڪيو ويو، جيڪو پنھنجي سرگرم ڪارڪنن سميت مقرر تاريخ ۽ وقت تي مالماڙي اچي پھتو. ڳوٺ جي اسڪول جي ورانڊي ۾ ڪرسيون بئنچون رکي انتظام ڪيوسين. پليجي صاحب مولوي صاحب کي پنھنجي پاسي ۾ ويھاري تقرير شروع ڪئي. مون کي ياد آھي تي گڏجاڻي جي حاضرين کي ڏسندي ۽ ماحول مطابق سموري تقرير قراني آيتن حديثن ۽ لطيف سائينءَ جي بيتن جي حوالي سان ڪري ٻڌندڙن کي گھڻو ڪجھ سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو۔ نتيجو اهو نڪتو جو جنهن پولنگ اسٽيشن تان پليجي صاحب کي هڪ ﻭﻭٽ به ملڻ جي اميد نه هئي، اُتي ڪاسٽ ٿيل ووٽن جو پورو اڌ پليجي صاحب جي حق ۾ پيو ۽ اسين اليڪشن کان پوءِ پنهنجو ٽارگيٽ پورو ڪري واپس ڪراچي روانا ٿي وياسين.

انھيءَ ۾ ڪا ٻي راءِ ڪانهي ته پليجو صاحب گھڻ پاسائين  شخصيت جو مالڪ هو. جھڙي طرح لطيف سائين پنهنجي شاعريءَ ذريعي سماجي جمود خلاف شاعرانه بغاوت ڪئي، تهڙي ريت رسول بخش پليجي صاحب لطيف جي فڪر کي عملي طور رائج ڪري ڏيکاريو. لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو باغي ڪردار آهي ته پليجي وٽ عورت پڻ باغي ڪردار طور عمل جي ميدان ۾سرگرم آهي. تاريخ ۾ اھڙا مهان انسان صدين کان پوءِ جنم وٺندا آهن. رسول بخش پليجو به انهن مان هڪ آهي.