اڏيرولال وليج (ن پ ا) ڊي سي مٽياري محمد يوسف شيخ عوام جي مسئلن جي حل لاءِ اڏيرولال وليج ۾ کليل ڪچهري لڳائي، ڪچهري ۾ شهرين شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، فدا حسين سولنگي ٻڌايو تعلقي مٽياري جي کنڊو روڊ ۾ ڪي به ترقياتي ڪم نه ٿيا آهن، آر او پلاٽ فعال نه هجڻ سبب رهواسي جر جو خراب پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن. سومار ڇٽو چيو ته چنيسر ڳوٺ به ڪيترن ئي مسئلن ۾ وڪوڙيل آهي، بجلي ناهي،  معشوق قمبراڻي، شيراز عمراڻي،محمد صديق جهيجو، امداد، محمد اقبال،طاهر هنڱورو ۽ ٻين چيو ته صحت، تعليم، روڊ رستن سميت بنيادي سهولتن کان محروم آهيون، ڪير به دانهن ٻڌڻ وارو ناهي،  ڊي سي مٽياري مسئلا ٻڌڻ بعد عوام کي جلد مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي وئي.