اڏيرولال (ن پ ا) اوڏيرولال اسٽيشن جي ريلوي ڪالوني ۾ قائم مسجد اندر پيش امام خدا بخش ڇٽو 12 سالن  جي نينگر (ش) جسڪاڻي سان بدفعلي ڪئي، جنهن جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.  ويڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ سياسي سماجي توڙي شهرين ۾ تاءُ پکڙجي ويو، رهواسين سخت احتجاج ڪيو ۽ ريلي ڪڍي. محمد علي عرف لالو ساهووال، فرقان درس، قاسم ساهووال، نزاڪت ساهووال، معشوق جسڪاڻي، اعجاز خشڪ، ساجد حاجاڻو، زبير ساهووال، ديدار خشڪ، عاطف ساهووال ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هڻي ٿاڻي جو گهيراءُ ڪيو. هنن چيو ته مسجد اندر پيش امام پاران جيڪو عمل ڪيو ويو آهي، اهو ناقابل برداشت ۽ مذمت جوڳو عمل آهي، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي. هنن چيو ته مسجد الله جو گهر آهي، پر جيڪڏهن الله جي گهر ۾ اهڙي قسم جا ڪم ٿين ته اسان کي اهو نٿو سونهين ته اسان پاڻ کي مسلمان سڏرايون. هنن چيو اڳ ۾ به کوڙ ڀيرا ڄاڻايل پيش امام بابت پاڙي وارن شڪايتون ڪيون هيون. هنن چيو ته جمعي جي نماز کان پوءِ ڄاڻايل پيش امام مسجد اندر اهڙو غلط ڪم ڪيو آهي، جنهن اسان مسلمانن جو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو آهي. خدا بخش ڇٽو مسجد جي بحرمتي ڪئي آهي مسجد واقعي جا ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا وڃن نه ته اسان احتجاج جو دائرو وسيع ڪنداسين. احتجاج کان پوءِ پوليس نينگر جي پيءُ جي فرياد تي پي ايس اڏيرولال اسٽيشن ٿاڻي تي گناهه نمبر 2022/23 پي پي سي 295- 377 تحت ڪيس داخل ڪري ورتو. هوڏانهن ايس ايچ او اڏيرولال اسٽيشن شاهه زمان چانڊيو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي ۽ پوليس پاران جوابدار جي گرفتار لاءِ مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪيون ويون آهن ۽ جلد جوابدار کي گرفتار ڪري قانون مطابق سزا ڏياري ويندي.