اڏيرولال (رپورٽر): ساس اڏيرولال اسٽيشن پاران اديب ۽ ليکڪ شوڪت حسين شورو جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ مهمان خاص شاعر ۽ اديب ڊاڪٽر عزيز ٽالپر جي صدارت ۾ ٿي گذريو، شوڪت حسين شورو ڊرامن ۽ شاعري ذريعي سنڌ جي  عوام جو ڏک ۽ درد شاعري ذريعي پيش ڪري وڏو نالو ڪمايو، ان موقعي تي شاعرن امين اڏيرائي.، حاجي غلام حيدر خاصخيلي.، اميربخش ٻرڙو، منظور عمراڻي، احساس ميرل، شاد عبدالشڪور ڇٽو، عاجز عبدالغني ڇٽو، فقير بلاول خشڪ، آفتاب احمد نوح پوٽو، سهراب خان ٻاٽي، آفتاب علي درس. عبدالغفور ڇٽو، عرفان عزم عمراڻي، شير محمد سولنگي، عبدالغفور هنڱورو، زوهيب ٻرڙو، آفتاب احمد خاصخيلي، محمد صفر شوڪت حسين شورو کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ڪئي.