اڏيرولال وليج/ٿاڻو بولاخان (نمائندن وٽان) اڏيرولال جو واپاري بازياب نه ٿيو، شڪي گرفتار، ٿاڻي بولاخان ۾ ريلي، ڌرڻي جو چتاءُ .  ڪجهه ڏينهن اڳ سيکاٽ ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل واپاري نريش ڪمار کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي،  ڊي ايس پي کيبراڻي جي اڳواڻي ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس جي ڳوٺ رحيم کورکاڻي اڏيرولال اسٽيشن نوبت مري سميت مختلف ڳوٺن ۾ چڙهائي ڪري ڪيترائي شڪي ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن،  ٻئي طرف ڊي ايس پي کيبراڻي ميرجاويد ٽالپر موجب نريش ڪمار جي معاملي تي ڪجهه شڪي ماڻهو گرفتار ڪيا آهن، مختلف ٽيمون جوڙيون ويون آهن، جاچ ڪئي پئي وڃي.  ٻي طرف   ٿاڻو بولا خان ۾ واپاري جي بازيابي جي لاءِ واپاري ايسوسيئيشن جي سڏ تي واپارين، ڪاروباري ماڻھن توڙي سياسي سماجي ڌرين طرفان مغوي نريش ڪمار جي بازيابي لاءِ بس اسٽاپ کان شهيد بينظير چوڪ  تائين احتجاجي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي سيٺ گرداري لعل، سهيل يوسف ميمڻ، نديم ميمڻ، پون سامناڻي،رميش ڪمار سامناڻي، سنيل ڪمار نريش ڪمار ڪيلاش ڪمار بھادر ميمڻ، مقصود ميمڻ ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، سڄي سنڌ ڌاڙيل ڪلچر بڻجي وئي آھي، سنڌ ۾ خاص طور ھندو برادري جي ماڻهن کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي واپاري کي بازياب ڪرايو وڃي.ٻي صورت ۾ ڌرڻو هنيو ويندو.