اوڏيرولال(ن پ ا) اڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ جمعو خاصخيلي ۾ اڏيرولال اسٽيشن پوليس اٽالا ساڻ ڪري زمين جو قبضو ڇڏائڻ بجاءِ گهرن ۾ ڪاهجي پئي، گهرن ۾ موجود عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد سبب هاري عورت مسمات بيبي خاصخيلڻ مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي ۽ بي هوش ٿي وئي. ڳوٺ جي عورت مسمات بيگي، مسمات رخسانه، مسمات ماروي، مسمات شبانا ۽ مسمات سکان خاصخيلي احتجاج ڪندي ميڊيا آڏو دانهيندي ٻڌايو ته ابن ڏاڏن کان ڄاڻايل زمين جو هارپو ڪندا پيا اچون. هنن ٻڌايو اسان زرعي زمين جا 49 لک رپيا ادا ڪري ڇڏيا آهن، باقي ڪجهه رقم رهيل آهي جيڪا زمين جا ڪاغذ ڏيڻ جي شرط تي روڪي وئي آهي، پر اسان جي مخالف شڪيل ڪوريو پٺاڻ زمين جي سودي تان ڦري ويو ۽ اسان خلاف ڪورٽ سڳوري ۾ زمين تي قبضي جو من گهڙت ۽ ڪوڙو ڪيس داخل  ڪرايو ويو آهي ۽ اسان جي زمين جي مالڪي حاصل ڪرڻ لاءِ مخالفن اڏيرولال اسٽيشن پوليس کي ڳري رقم ڏئي اسان تي وحشياڻو تشدد ڪرايو آهي. هنن چيو ته ڪورٽ سڳوري جو حڪم اکين تي، پر اهو ڪٿان جو قانون آهي ته پوليس مخالفن سان گڏجي اسان مٿان ڪڙڪي پئي ۽ گهرن ۾ موجود عورتن توڙي معصوم ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻائي؟؟. هنن احتجاج ڪندي چيو ته ايس ايڇ او محبوب شاهه هارياڻي عورت مسمات بيبي خاصخيلي کي مٿي ۾ ڌڪ هڻي زخمي ڪري وڌو آهي، جنهن سبب عورت جي حالت خراب آهي، جنهن کي بار بار بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن. هنن جو اهو به چوڻ آهي ته اسان جي ابن ڏاڏن کان زمين جو هارپو ڪندا پيا اچون، جڏهن ته اسان زمين جي عيوضي ۾ شڪيل ڪوريو پٺاڻ کي 49 لک رپيا به ڏنا آهن ۽ هن وقت هوءَ سودي تان ڦري ويو آهي ۽ ڏاڍ جي زور تي اسان کي مختلف طريقن سان هيسايو پيو وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ آءِ جي سنڌ پوليس تشدد جو نوٽيس وٺن.